سنڌڙي سپر ليگ جو فائنل ارباب اليون کٽي ورتو

سنڌڙي سپر ليگ جو فائنل ارباب اليون کٽي ورتو

سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ۾ سنڌڙي سپر ليگ ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پھتو، 8 ڏينھن کان ھلندڙ ٽورمنٽ ۾ 10 مختلف علائقن جي ٽيمن حصو ورتو، جنھن ۾ سيمي فائنل ارباب اليون سنڌڙي ۽ حر اسٽار سنڌڙي وچ ۾ ٿيو، جنھن ۾ ارباب اليون فائنل ۾ پھتي، جڏھن ته فائنل اي پي اسپورٽس ڪنڊياري ۽ فقير اليون سنڌڙي وچ ۾ ٿيو، اي پي اسپورٽس ارباب اليون کي 6 اوورن ۾ 100 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جيڪو ارباب اليون آخري اور ۾ ٺاھي ورتو، ارباب اليون سنڌڙي فائنل کٽي ورتو، ڪامياب رانديگرن کي جي ڊي اي اڳواڻ مبارڪ مھر، يوسي چيرمين فقير محمد بخش مھر ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبر عبدالستار خاصخيلي، وائيس چيئرمين جان محمد جوڻيجو، وائيس چيئرمين غلام قادر ڪانھيون، روشن محمود مھر کٽيل ٽيم کي انعام ڏنا