| سنڌڙي لڳ غربت کان تنگ عورت ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو |
سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ٿاڻي حد ڳوٺ فقير قادر بخش منگريو 23 ورھين جي سگنا زال رانجهو ڀيل غربت کان تنگ اچي گهر جي لاٽڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو، سنڌڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ميرپورخاص لاش منتقل ڪري ڇڏيو ، جتي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.