| سنڌڙي ڀرسان مبينا پوليس مقابلو، هڪ جوابدار مارجي ويو |
سنڌڙي (رپورٽ: اسد شر) سنڌڙي ڀرسان مبينا پوليس مقابلو، هڪ جوابدار مارجي ويو، پوليس موجب، سبزل اسٽاپ وٽ ڦورن سان مقابلو ٿيو، پنهنجي ئي ساٿي جي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، سڃاڻپ خانو عرف خانڙي مري طور ٿي، جيڪو ڳوٺ عيدو مري ڦلهڏيون جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته اطلاع مليو ته سبزل اسٽاپ وٽ هٿياربند ڦر جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پوليس پهتي ته مقابلو ٿي پيو. پوليس موجب مٿس 5 کان وڌيڪ ڪيس داخل ھئا، ٽن ڪيسن ۾ روپوش ھو، آخري اطلاع موجب ڀاءُ لاش وصول ڪرڻ سول اسپتال پهتو هو.