| سنڌڙي ۾ محمد شاهه غازي جي ميلي ۾ ملاکڙو، دس دسان |
سنڌڙي(ن پ ا) سنڌڙي ۾ محمد شاھ غازي جو 108 ساليانو ميلي ۾ ٻئي ملاکڙي ۾ ملھ جا دلچسپ مقابلا جاري رهيا، پهرين جوڙ ۾ رجب راهمون، يار محمد مري کي ملھ دسي ۽ لالا غلام حسين پٺاڻ وري پسند مري کي ملھ ۾ دسيو جڏھن پلھوان ڀاڳيو شر وري نوراحمد پنجابي کي ملھ ماري ھوڪارا ڪرايا پراڻو ملھ گڻيسو ڀيل ارباب خاصخيلي دسيو، امتياز مري وري نور حسن پنجابي کي ٻئي ملهون ماري ميدان ملهايو، ٻئي جوڙ ۾ لالا فدا حسين پٺاڻ هيرو ڀاٽ ۽ دلپسند مري ٻئي ملهون ماري ميدان ملهايو ٻانهين ۾ هوڪريا ڪرائي ڇڏيا جڏهن تہ آخر م رئيس غالب علي جوڻيجو جونيئر حيسب علي جوڻيجو، راشد علي جوڻيجو رئيس نبن خان شر ۽ ٻين کٽيندڙ ملھ پهلوانن ۾ انعام ورهايا