سنڌ۾ ڪمند جو سرڪاري اگهه في مڻ 425 رپيا مقرر: نوٽيفڪيشن جاري

آگسٽ 17, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ سرڪار ڪمند جو سرڪاري اگهه في مڻ 425 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ ڪمند جو سرڪاري اگهه 425 رپيا مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو

سنڌ ڪابينا جي منظوري بعد ڪمند جو في مڻ اگهه 425 رپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

حڪومت پاران شگر ملز جي مالڪن کي 15 نومبر کان ڪريشنگ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

Leave A Comment