سنڌ آبادگار اتحاد پاران تيل اگهه رد، 20 اپريل کان تحريڪ جو اعلان

سنڌ آبادگار اتحاد پاران تيل اگهه رد، 20 اپريل کان تحريڪ جو اعلان

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار اتحاد ڊيزل اگهھ ۾ واڌ کي رد ڪندي ڪڻڪ 4500۽ ڦٽين جو اگھه 10هزار رپيا مڻ جي گهر ڪئي آهي ۽ 20اپريل کان احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ آباد گار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل آبادگارن ۽ هارين کي سخت متاثر ڪيوآهي. ڪڻڪ جو اگهھ هلندڙ سال 3500 رپيا تمام گهٽ آهي، فصلن جو خرچ به نٿو نڪري.  ڪڻڪ جو في مڻ 45 سو رپيا ۽ ڪپھ جو اگهه 10 هزار رپيا مڻ مقرر ڪيو وڃي، ڊيزل جو في ليٽر   جنگ کان اڳ وارو ريٽ 290 رپيا ليٽر مقرر ڪيو وڃي.