| سنڌ آبادگار اتحاد کي ڀاڄين جي گهٽ اگهه تي ڳڻتي |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ)سنڌ آبادگار اتحاد جو اجلاس ڪمبوھ زرعي فارم شيخ ڀرڪيو م حاجي خان محمد ڪمبوھ جي ميزباني ۾ نواب زبير احمد ٽالپر جي صدارت ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ ڀاڄين جي گھٽ اگهھ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ويو ته حڪومت کي ان طرف ڌيان ڏيڻ کپي ڇاڪاڻ ته ڀاڄين تي وڏا خرچ آھن ، مناسب اگھه نه پيو ڏنو وڃي، اجلاس م وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته بصر جي ايڪسپورٽ تي وڏا اضافي ٽيڪس ھنيا ويا آهن اھي گھٽ ڪري بصر جي ايڪسپورٽ تي خاص توجهه ڏني وڃي، اجلاس ۾ شگرملز پاران ڪمند جي پيڙائي گھٽ ڪرڻ تي پڻ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو ته شگرملن ڪمند جي پيڙائي گھٽائي ڇڏي جنھن جو نقصان ٿي رھيو آھي