| سنڌ اسيمبليءَ ٻاهران 13 مين هولن جا ڍڪڻ غائب |
ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا) ڪي ايم سي جي دعويٰ ڌوڙ: سنڌ اسيمبليءَ ٻاهران شهرين جي پنڌ گهمڻ لاءِ ٺاهيل فوٽ پاٿ تي گٽر لائين جي 13 مين هولن جا ڍڪڻ غائب ٿيل آهن، انتظاميا ڪيترن ئي ڏينھن کان ڍڪڻ لڳائي ناهي سگھي، اسيمبلي ۾ ويٺل اسپيڪر، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ويٺل چيف سيڪريٽري سميت لاڳاپيل اختيارين جي نظر انهن کليل مين هولن تي ناهي پئي. شھر ۾ کليل مين هولن ۾ ٻارڙن توڙي وڏن جي ڪري زخمي ٿيڻ جا واقعا معمول بڻجي ويا آهن، ساڳئي ريت ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ارڙهين عالمي اردو ڪانفرنس شروع ٿيڻ باوجود آرٽس ڪائونسل جي مک گيٽ سامهون به انتظاميا مين هولن مٿان ڍڪڻ لڳائي ناهي سگهي، شهرين جو چوڻ آهي ته کليل گٽرن سبب ڪنهن به وقت وڏو جاني نقصان ٿيڻ جو خدشو ٿي سگهي ٿو، هنن مين هولن جا ڍڪڻ لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.