| سنڌ اسيمبلي آڏو موڪل ڏهاڙي گٽرن کي ڍڪڻ لڳي ويا |
ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا) سنڌ اسيمبلي آڏوگٽرن جي مين هولن جا ڍڪڻ غائب هجڻ بابت پنهنجي اخبار م ڇپيل خبر جو انتظاميا نوٽيس ورتو، موڪل واري ڏينهن ڍڪڻ لڳايا ويا، ڪراچي م کليل مين هولن بابت پنهنجي اخبار ۾ خبرون شايع ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي ڏکڻ جي انتظاميا جاڳي پئي، ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جاويد نبي کوسو ريڊ زون ۾ واقع سنڌ اسيمبلي ٻاهران فوٽ پاٿ تي گٽر جي کليل مين هولن تي ڍڪڻ لڳارائي ڇڏيا، واضح رهي ته ڪراچي ۾ نيپا چورنگي وٽ ڪجهه هفتا اڳ کليل مين هول ۾ معصوم ٻارڙو ابراهيم ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو هو، جنهن جو لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد گٽر نالي مان ڪجهه پنڌ تي مليو هو.