سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻڻ لاءِ پهتل جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ جي قافلن کي ڪراچي ٽول پلازه، گگهر ڦاٽڪ، سسئي ٽول پلازه ۽ ڪارساز وٽ روڪيو ويو

فيبروري 24, 2024

سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻڻ لاءِ پهتل جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ جي قافلن کي ڪراچي ٽول پلازه، گگهر ڦاٽڪ ڀرسان سسئي ٽول پلازه ۽ ڪارساز وٽ روڪيو ويو، جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو جا پوليس آفيسرز سان ڏند چڪ، راشد محمود سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرين ٽول پلازه وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جي ڊي اي جون ڪارڪن عورتون به ٽول پلازه وٽ ڌرڻو هڻي ويٺل، ڌرڻي سبب ڪراچي حيدرآباد موٽر وي تي ٽريفڪ معطل، راشد محمود سومرو چيو آهي ته پرامن احتجاج اسان جو حق آهي، آءِ جي سنڌ ٻڌائي ته ڪهڙي قانون تحت اسان کي روڪيو ويو آهي، سسئي ٽول پلازه وٽ به جي يو آءِ جو ڌرڻو، ڪارساز وٽ جي يو آءِ پاران لڳل ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهو ڪراچي پريس ڪلب پهچي ويا

Leave A Comment