سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۽ ايم پي اي هاسٽل ڪرپشن سميت 4 انڪوائريون دٻائڻ جو انڪشاف

نومبر 13, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۽ ايم پي اي هاسٽل ۾ مبينا طور ڪروڙين روپين جي ڪرپشن وارو معاملو، اينٽي ڪرپشن جي اڳوڻي اختيارين پاران سنڌ اسيمبلي جي نئين ۽ پراڻي عمارت جي مرمت ۽ تعميراتي منصوبي، ايم پي اي هاسٽل سميت ٻيون 4 انڪوائريون مڪمل ٿيڻ باوجود دٻيل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

سنڌ اسيمبلي جي اسپيشل سيڪريٽري پارا اينٽي ڪرپشن ۾ سنڌ اسيمبلي جون بند ٿيل انڪوائريون ٻيهر کولرائڻ ۽ مڪمل ٿيل انڪوائريون اڳتي وڌائڻ جي سفارش، اسپيشل سيڪريٽري جي خط کان پوءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين کي خط لکي سنڌ اسيمبلي جي هلندڙ انڪوائرين جا سمورا تفصيل گھرائي ورتا آهن

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي نئين ۽ پراڻي عمارت جي مرمت ۽ تعمير واري منصوبي سميت سنڌ جي ايم پي ايز لاءِ ٺهندڙ هاسٽلن جي تعميراتي منصوبي ۾ مبينا طور تي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن واري معاملي تي سال 2014 کان سال 17ع تائين ۽ ان کان پوءِ 4 کان وڌيڪ انڪوائريون هلندڙ هيون، جيڪي اينٽي ڪرپشن جي اڳوڻي چيئرمينن سميت ڊائريڪٽرز اسٽبلشمينٽس پاران مڪمل ٿيڻ باوجود ۽ ڪجهه انڪوائريون اڌ ۾ ئي دٻايون ويون هيون

ان سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند پاران سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم عفران کي سنڌ اسيمبلي جي ڄاڻايل ميگا ترقياتي ۽ تعميراتي منصوبن سميت اسيمبلي جي آفيسرن جي ترقين ۽ ڀرتين وارن معاملن ۾ قانوني لتاڙ ٿيڻ جا 48 صفحن تي ٻڌل ثبوت پيش ڪري کيس سفارش

ڪئي وئي آهي ته اينٽي ڪرپشن ۾ اڳوڻي چيئرمينن ۽ ڊائريڪٽرن پاران سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيل ميگا ڪرپشن ۽ غيرقانوني ترقين ۽ ڀرتين واري معاملي جون جيڪي به انڪوائريون بند ڪري يا دٻائي رکيون ويون هيون اهي ٻيهر کوليون وڃن

اسپيشل سيڪريٽري پاران چيف سيڪريٽري ڏانهن اماڻيل سفارش ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته سال 2014 کان سال 2017ع تائين سنڌ اسيمبلي جي عمارت توڙي ايم پي اي هاسٽل جي تعميرات واري اربين روپين جي منصوبي ۾ ٿيل ڪرپشن جي تڏهوڪي اينٽي ڪرپشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ضمير عباسي پاران جاچ مڪمل ڪري ڪرپشن ثابت ڪري وڌيڪ ڪاروائي لاءِ اعليٰ اختيارين کي سفارش ڪئي وئي هئي پر ان باوجود تڏهوڪي اعليٰ اختيارين پاران ضمير عباسي جي ڪرايل اها جاچ رپورٽ فائيلن ۾ دٻائي رکي ۽ ڪو به اڳتي قدم نه کنيو ويو

ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي جي اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند جي اهڙي سفارش کان پوءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين ذوالفقار شاھه کي خط لکي کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته سنڌ اسيمبلي بابت جيڪي به انڪوائريون هلندڙ آهن ۽ جيڪي ڪجهه سال اڳ مڪمل ٿيون آهن ان سمورين انڪوائرين جي موجوده تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جيئن اڌ ۾ ڇڏيل جاچ واري عمل کي اڳتي وڌائي سگھجي

 

Leave A Comment