سنڌ اسيمبلي جون 24 گاڏيون اڃا تائين گم: پيٽرول سميت 80 گاڏين جي غيرقانوني استعمال ٿيڻ جو پڻ انڪشاف: ليگل نوٽيس جاري

سيپٽمبر 28, 2023

ڪراچي(رپورٽ:حبيب جمالي) سنڌ اسيمبلي جون 24 گاڏيون اڃا تائين گم آهن، پيٽرول سميت 80 گاڏين جي غيرقانوني استعمال ٿيڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي جنهن بعد نگران وڏي وزير سميت اختيارين کي ليگل نوٽيس جاري ڪيو ويو

تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جي ملازم آفتاب مهر چيف اليڪشن ڪمشنر، گورنر، نيب چيئرمين ۽ نگران وڏي وزير ڏانهن ليگل نوٽيس موڪلي ڇڏيو  آهي

ليگل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ اسيمبلي جون 80 گاڏيون پيٽرول سوڌو غيرقانوني طور استعمال ٿي رهيون آهن، ايندڙ اليڪشن ۾ اهي گاڏيون استعمال ٿي سگهن ٿيون

نوٽيس موجب اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جون 22 گاڏيون استعمال ڪري رهيو آهي جڏهن  ته اسپيشل سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي اڳوڻي ايم پي ايز ۽ ٻين کي گاڏيون واپس ڪرڻ لاءِ چيو هو، پر گاڏيون واپس نه ڪيون ويون

ليگل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌ اسيمبلي جون 3 گاڏيون اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر وٽ آهن، اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين وٽ 9 گاڏيون آهن، اڳوڻو اسپيڪر ۽ اڳوڻا ايم پي ايز  11 گاڏيون گذريل 10 سالن کان پئٽرول سان گڏ استعمال ڪري رهيا آهن

ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي جون 24 گاڏيون اڃا تائين گم آهن جن جي ايف آءِ آر به داخل نه ڪرائي وئي آهي

Leave A Comment