سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، بجيٽ تي بحث
جُون 20, 2025
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ ) سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس جمعي نماز جي وقفي کانپوءِ ٻيهر شروع ٿي ويو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي پ پ ايم پي اي نثار کهڙي جو چوڻ هو ته سنڌ کي وفاقي کان هڪ سئو ارب روپيا گھٽ مليا آهن، پ پ اڳواڻ نثار کهڙو چيو ته ڪراچي-حيدرآباد موٽروي 15 ارب روپين ۾ ڪيئن ٺهندو،ڪراچي سرڪلر ريلوي اڄ تائين رولڙي جو شڪار آهي، دانهون ڪيون ويون پر ڪجهه نه ٿيو، پ پ ايم پي اي نثار کهڙو جو چوڻ هو ته بجلي نٿي اچي، مٿان وري سولر پليٽس تي ٽئڪس لڳائي غريبن مٿان مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي، سندس چوڻ هو ته ڇا غريب سولر پليٽس به خريد نه ڪن؟ٽيڪس لڳائڻ ناجائزي آهي،امن امان لاءِ بجيٽ ۾ وڌيڪ رقم رکڻ حڪومت جو ساراهه جوڳو عمل آهي، سنڌ اسمبلي جي اجلاس کي نثار کهڙو جو چوڻ هو ته ٻي نمبر تي صحت جو شعبو آهي صحت کاتي جي بجيٽ وڌائڻ به بهترين عمل آهي.