سنڌ اسيمبلي جي تاريخ ۾ پهرين عورت اپوزيشن ليڊر رعنا انصار مقرر

جُولاءِ 26, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي تاريخ ۾ پهرين عورت اپوزيشن ليڊر مقرر ڪئي وئي آهي، اسپيڪر پاران رعنا انصار جي مقرري جو اعلان ڪيو ويو آهي

 اپوزيشن ليڊرجي تبديلي لاءِ ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي ۾ درخواست داخل ڪرائي، ذريعن وجب اپوزيشن ليڊر لاءِ ايم ڪيو ايم کي جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن جي حمايت رهي

ايم ڪيوايم اپوزيشن ليڊر لاءِ رعنا انصار کي نامزد ڪيو، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سراج دراني پاران  رعنا انصار کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اها سنڌ ۾ پهرين عورت اپوزيشن ليڊر آهي

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته جڏهن نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو ته سڀني کي ملي ويندو، رعنا انصار کي پهرين عورت اپوزيشن ليڊر سنڌ اسيمبلي ٿيڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو

اسپيڪر پاران چيو ويو ته رعنا انصار اچي اپوزيشن ليڊر جي سيٽ سنڀالي

رعنا انصار موجوده حڪومت جي 5 سالن دوران ٽئين اپوزيشن ليڊر مقرر ٿي آهي، حليم عادل کي اپوزيشن ليڊر جي عهدي تان هٽايو ويو، حليم عادل کان اڳ فردوس شميم اپوزيشن ليڊر هو

Leave A Comment