سنڌ جو نگران وزيراعليٰ ڪير ٿيندو؟ وڏي وزير ۽ اپوزيشن ليڊر ۾ ڳالهين جو پهريون دور بنا نتيجي ختم: اڄ وري مشاورت ٿيندي

آگسٽ 11, 2023

ڪراچي (رپورٽ:  فقير سليم+شاهد ميراڻي) وفاق کانپو ءِ سنڌ اسيمبلي 4 سال 11 مهينا  ۽ 29 ڏينهن  مڪمل ڪرڻ بعد ٽٽي وئي، سنڌ جي گورنر اسيمبلي ٽوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن بعد 18 وزير ، 5 مشير ، 27 خاص معاون  ۽ 2 ڪورآڊينٽر  فارع ٿي ويا، جڏهن ته وڏو وزير نگران سيٽ تائين ڪم ڪندو رهندو

سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه اسيمبلي ٽوڙڻ بابت سنڌ جي گورنر کي سمري اماڻي هئي، جيڪا گورنر هڪ ڪلاڪ اندر منظور ڪندي  اسيمبلي ٽوڙڻ بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو

 سنڌ اسيمبلي جي ڪالهوڪي الوداعي اجلاس کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاه پاران سمري اماڻي وئي  بعد ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي وزيرن  سعيد غني ۽  ناصر شاهه ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب سان گڏ گورنر هائوس پهچي گورنر سان پڻ ملاقات ڪئي

ٻئي طرف سنڌ جو نگران وڏو وزير  مقرر ڪرڻ لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر رعنا انصار وچ ۾ ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿي ويون آهن هاڻ ٻيهر مشاورت اڄ ٿيندي

 اپوزيشن ليڊر رعنا انصار ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ علي خورشيدي سي ايم هائوس پهچي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران نگران وڏي وزير لاءِ في الحال ڪي به نالا غور هيٺ نه آيا،ٻنهي ڌرين پاران قيادت سان مشاورت بعد نگران وڏي وزير لاءِ نالا پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو

 ذريعن موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر رعنا انصار وچ ۾ سڀاڻي ٻيهر ملاقات ٿيندي جنهن ۾ مختلف نالن تي غور ويچار ڪيو ويندو

هوڏانهن ذريعن موجب  پ پ پاران اڳوڻي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه ۽ رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر کي نگران سي ايم بنائڻ لاءِ سندن نالا تجويز ڪيا آهن

ٻئي طرف ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي پاران ڊاڪٽر صفدر عباسي، شعيب صديقي ۽ يونس ڏاگها جا نالن تي اتفاق ڪيو ويو آهي

وقت کان اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ تي معافي وٺان ٿو: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنج سال پورا ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ تي معافي گهران ٿو. آئون 2002ع کان چار ڀيرا چونڊجي آيو آهيان. سي ايم ٿيڻ دوران  پنج سال ايترا سولا نه هئا، اهي پنج سال ڏاڍا ڏکيا گذرا،  اسيمبلي ۽ حڪومت کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو، جنهن جو وڏو مثال اسپيڪر سراج دراني آهي جيڪو اڄ به اسيمبلي هلائڻ لاءِ جيل مان اچي ٿو

سندس چوڻ هو ته ڪيترن ئي اسيمبلي ميمبرن تي ڪيس ۽ ريفرنس آهن، صوبي کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ اسان جي بيوروڪريسي کي تنگ ڪيو ويو،مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اسمبلي جو بزنس ڪيئن هلائجي؟  اسان پنجن سالن ۾ رڪارڊ قانون سازي ۽ ترقياتي ڪم ڪيا آهن

ڪالهه اسيمبلي کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪنهن وقت اهي چوٻول هليا ته وڏي وزير کي اڄ نه ته سڀاڻي گرفتار ڪيو ويندو. جنهن تي اسان جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن وڏو وزير جيل ۾ هوندو ته ڇا ٿي پيو؟ اهو  جيل مان ئي حڪومت هلائيندو

هن چيو ته سنڌ حڪومت تي وڏا امتحان آيا، ڪورونا سبب سمورا ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند ٿيا، 2020 ع ٻوڏ آئي،  اسان جو ليفٽ بينڪ ڪئنال تباهه ٿيو. ان وقت جي وزيراعظم علائقن جو دورو به نه ڪيو رڳو ڪراچي آيو ۽ هليو ويو. 2022 جي ٻوڏ ۾ هڪ ڪروڙ 30 لک  ماڻهو متاثر ٿيا، 21 لک گهر تباهه ٿيا. 38 لک ايڪڙن کان وڌيڪ فصل تباهه ٿيا  20 هزار کان وڌيڪ اسڪول تباهه ٿيا سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هن آفت مان ڪيئن نڪرجي؟

مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، ڪارڪنن ۽ انتظاميه ٻوڏ متاثرن تائين پهچي سند  مدد ڪئي. سنڌ حڪومت 20 لک گهرن جي عورت مالڪن جي نالي تي بئنڪ اڪائونٽس کولي رهي آهي. هيستائين 136404 بئنڪ اڪائونٽ کولي رقم متاثرين کي ڏني پئي وڃي

 هن  چيو ته اڄ اپوزيشن بينچ مان ڪنهن چيو ته موجوده  انتظاميا جي نگراني ۾ شفاف  چونڊون نٿيون ٿي سگهن. ائون کين ٻڌائندو هلان ته پنهنجي سينيئرن کان پڇو ته اسان هن صوبي جو انتظامي سربراهه ( چيف سيڪريٽري ) توهان جي پارٽيءَ سان صلاح مشوري کانپوءِ مقرر ڪيو آهي

وڏي وزير چيو ته آئون چوڻ چاهيان ٿو ته هن ڀيري متحده اليڪشن نه وڙهڻ واري غلطي نه ڪري ته بهتر ٿيندو، ڪنهن لاءِ به ميدان خالي نه ڇڏيو وڃي،  انشاءَ الله اسان مقابلو ڪنداسين. اسان مڪاني چونڊن ۾ نه رڳو ڪراچي پر سڄي سنڌ مان وڏي اڪثريت سان چونڊون کٽيون آهن

هن وڌيڪ چيو ته  اڄ ٻن ٽن مهينن لاءِ موڪل تي  وڃون پيا،  اسان واپس اچي ٻيهر پنهنجو سفر اتان کان شروع ڪنداسين، آئون عوام وٽ ويندس، عوام کي شڪايتون آهن پر اهي اسان سان پيار به ڪن ٿا، سنڌ ۾ جيتريقدر ڪم، ترقي ۽ قانون سازي ٿي. ٻئي ڪنهن صوبي ۾ نه ٿي آهي

Leave A Comment