| سنڌ اسيمبلي پاران حيسڪو پاران ٿيندڙ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف ٺهراءُ منظور |
ڪراچي (رپورٽ: شاھد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ۾ حيسڪو پاران ٿيندڙ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف ٺهراءُ منظور، 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ شادي تي پابندي بابت ٺهراءُ پاس ڪندي اهڙو قانون ملڪ جي چئني صوبن ۾ لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ملڪ جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي ورسي تي عام موڪل جي مطالبي وارو ٺهراءَ پڻ پاس ڪيو ويو، ڪالهه پرائيويٽ ميمبرن جي ڏينهن تي جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق صوبي ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ٺهراءُ پيش ڪيو، هن چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو وڃي. گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ٺهراءَ جي مخالفت ڪندي چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ناهي، هن وقت سنڌ ۾ ڪو به آپريشن نه ٿي رهيو آهي، پوليس 13 ماڻهن کي هني ٽريپ کان بچايو. هن چيو ته گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ماڻهو شادي ڪرڻ لاءِ ايندا آهن، موبائيل فون تي ماڻهو عورتن جي آوازن تي هرکجي پاڻ ويندا آهن، اتي شادي يا پيار نه ٿيندو آهي پر هڪ هني ٽريپ ٿي رهيو آهي ۽ ماڻهو ٺڳجي ويندا آهن، گ ضياءَ لنجار چيو ته گهوٽڪي ۽ صادق آباد ۾ ماڻهن کي هني ٽريپ ڪيو پيو وڃي. اسان انهي خلاف آپريشن ڪرڻ وارا آهيون. هن چيو ته اسان پنجاب حڪومت کي اپيل ڪنداسين ته بهاولپور ۾ مفرور ڌاڙيلن تي نظر رکي. هن چيو ته سنڌ ۾ موٽر وي محفوظ آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهن جي شرح گهٽجي وئي آهي. اسان خودڪش بمبارن کي به پڪڙيو آهي، ايوان اڪثريت راءِ سان جماعتي ٺهراءَ رد ڪري ڇڏيو. متحده جي عامر صديقي ايم-9 موٽر وي جي خراب حالت تي ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته ايم 9 تي هر روز حادثا ٿين ٿا. اسان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته ايم-9 موٽر وي جي حالت بهتر ڪئي وڃي. پارلياماني معاملن جي وزير قرارداد جي مخالفت ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم جا دوست انهي قرارداد کي قومي اسيمبلي ۾ کڻي وڃن يا ايم ڪيو ايم جا وزير اهو مامرو وفاقي ڪابينا آڏو اٿارين، هي قرارداد سنڌ اسيمبلي ۾ ڪنهن به ڪم جي ناهي. هن چيو ته سنڌ ۾ قومي شاهراهن جي صورتحال اهڙي آهي جو ڳوٺن تائين به پهچي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته سنڌ ۾ موٽر وي نالي ڪا به شيءِ ناهي. متحده جي صابر قائمخاني حيسڪو جي خراب ڪارڪردگي بابت ٺهراءُ پيش ڪيو. هن چيو ته گذريل ڇهن مهينن دوران حيسڪو جي ڪارڪردگي تمام خراب رهي آهي، ٽن ڏينهن کان حيدرآباد ۾ بجلي ناهي، حيسڪو وٽ ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ جي صلاحيت ناهي. موٽ ۾پارلياماني سيڪريٽري قاسم سراج سومرو چيو ته حيسڪو جي معاملن تي ڪاميٽي ٺاهي وڃي، پ پ جي هير سوهو چيو ته اسان انهي قرارداد جي حمايت ڪري رهيا آهيون. ضياءُ الحسن لنجار چيو ته حيسڪو تي هڪ ڪاميٽي ٺاهي وڃي سنڌ اسيمبلي حيسڪو خلاف قرارداد منظور ڪئي. ايوان پ پ جي مليحه منظور پاران ڇوڪرين جي ننڍي عمر ۾ شادي بابت قرارداد منظور ڪئي. هن چيو ته ڪو به ڇوڪرو يا ڇوڪري 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ شادي نٿو ڪري سگهي. سنڌ 2013ع ۾ ٻالڪپڻ جي شادي خلاف قانون پاس ڪيو آهي، هن چيو ته سنڌ مان ڇوڪرين کي ٻين صوبن ۾ کڻي وڃي شادي ڪئي ويندي آهي. انهي کان اڳ اقليتي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شام سندر سوالن جا جواب ڏنا. هن چيو ته سنڌ حڪومت هائوسنگ اسڪيم ۾ 135,000 اقليتن کي گهر ڏنا آهن.