| سنڌ اسيمبلي پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس: گهرو ملازمن بابت بل ڪاميٽي حوالي |
ڪراچي(رپورٽ: شاھد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي پاڪ فوج جي حمايت ۾ ۽ رياستي ادارن خلاف بيان بازي ڪندڙن خلاف مذمتي ٺهراءُ پاس ڪري ورتا، قانون واري وزير پاران سنڌ ڊوميسٽڪ ورڪرز ويلفيئر بِل 2025 پيش ڪيو ويو، جنهن کي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي ڏانهن اماڻيو ويو، ڪالهه صحت کاتي بابت سوالن جا جواب ڏيندي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته گيسٽرو سبب 2 ٻارڙا ڊي هائڊريشن سبب فوت ٿيا آهن، کين تڪڙن بنيادن تي اسپتال نه آندو ويو هو، جيڪو سندن موت جو ڪارڻ بڻيو، عيدالاضحي جي موقعي تي ڪيس تڏهن وڌن ٿا، جڏهن ماڻهو احتياط نٿا ڪن۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ گيسٽرو کان بچاءُ لاءِ 1170 آگاھي ڪيمپون لڳايون،مختلف ضلعن ۾ ڪاڪوس ڪرڻ کانپوءِ صابڻ سان ھٿ ڌوئڻ ۽ باٿ روم جي استعمال بابت آگاھي مھم ھلايون پيا۔ صفائي بابت نصاب تيار ٿي چڪو آھي، جيڪو جلد اسڪولن ۾ پڙھايو ويندو.ايوان ۾ گھرو وزير ضيا النجار ۽ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي پاڪ فوج جي حمايت ۽ رياستي ادارن خلاف بيان بازي ڪندڙن خلاف ڌار ڌار ٺهراءُ پيش ڪيا ويا، جيڪي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتا. ٺهراءُ تي ڳالهائيندي اسيمبلي ميمبرن چيو ته فوج ۽ رياستي ادارا سياست کان مٿانھان آهن، مئي مهيني ۾ پاڪ فوج پاران ڀارت خلاف ڪيل ڪارنامي کي دنيا واکاڻي رهي آهي. فوج ۽ رياستي ادارا آهن ته اسان آھيون. اسيمبلي جو اجلاس اڄ منجھند 12 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.