| سنڌ اسيمبلي پاران71ع ۾ بنگال ۾ ماريل بهاري شهيد قرار: ڀيٽا وارو ٺهراءَ منظور: بااختيار مڪاني ادارن بابت قرارداد واپس |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪندي اوڀر پاڪستان سانحي ۾ پاڪ فوج سان گڏ جانين جو نذرانو ڏيندڙن بهارين کي ڀيٽا پيش ڪري ڇڏي، اپوزيشن جا مختلف ٺهراءَ رد ايم ڪيو ايم ميمبر مڪاني ادارن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ بابت ٺهراءُ حڪومتي خاطرين تي واپس وٺي ڇڏيو. ڪالهه خانگي ميمبرن جي ڏهاڙي تي ڪارروائي جي شروعات ۾ پشاور سانحي ۽ اوڀر پاڪستان سانحي جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. اوڀر پاڪستان سانحي تي ٺهراءُ پيش ڪندي ايم ڪيو ايم جي ميمبر اعجاز الحق چيو ته اسان پاڪستاني فوج سان گڏ جانين جي قرباني ڏيندڙ بهارين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. جنهن تي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته اسان اوڀر پاڪستان جي شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا. پ پ جي غلام قادر چانڊيو چيو ته ٺهراءَ اهو تاثر ڏنو ته صرف هڪ قوم قرباني ڏني آهي، ٺهراءُ پيش ڪندڙڪجهه نقطا شامل ڪيا. جيڪي مناسب نه هئا. ان موقعي تي اسپيڪر ايم ڪيو ايم جي ميمبر اسيمبلي اعجاز الحق جي ٺهراءُ ۽ سندس تقرير جي ٻين نقطن کي حذف ڪرڻ جي رولنگ ڏني. جنهن تي اعجاز الحق چيو ته اسان جهڙن سياسي ڪارڪنن کي ڏک پهتو آهي. اسان ڪڏهن به پاڪستان مخالف نعرو نه هنيو آهي، اسان پنهنجي جان ڏئي پاڪستان جو نعرو بلند ڪيو. بعد ۾ ايوان سندس ٺهراءُ منظور ڪيو. ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبر طحه احمد مڪاني ادارن کي مالي خودمختياري ڏئي جمهوري استحڪام کي يقيني بڻائڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو. جنهن تي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته آرٽيڪل 140 اي پڻ پ پ متعارف ڪرايو آهي. انهي معاملي تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڻ آيل آهي. هن چيو ته آئين جو آرٽيڪل 140 اي وضاحت ڪري ٿو ته صوبائي حڪومت اهو فيصلو ڪندي ته مڪاني کي ڪيترا اختيار ڏيڻا آهن. سنڌ ۾ اسان واٽر بورڊ ۽ واسا کي ميئرز حوالي ڪيو آهي. هن تجويز پيش ڪئي ته سڀئي ميمبر گڏجي ويهي فيصلو ڪن ته مڪاني ادارن کي ڪيترو اختيار ڏيڻو آهي؟ قانونسازي ڪرڻ اسيمبلي جو ڪم آهي. پارلياماني معاملن جي وزير ضياءَ لنجار پڻ انهي تجويز جي حمايت ڪندي چيو ته انهي معاملي کي گڏيل صلاح مشوري سان حل ڪيو وڃي. اسان اهو سڀ ڪجهه ڪنداسين، جيڪو صوبي جي مفاد ۾ هوندو. ضياءُ الحسن لنجار يقين ڏياريو ته انهي معاملي تي ڪاميٽي ٺاهي ويندي. جنهن تي طحه احمد پنهنجو ٺهراءُ واپس وٺي ڇڏيو. اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبر عادل عسڪري ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته ڪراچي جي آبادي کي نظر ۾ رکندي هڪ وڌيڪ جنرل يونيورسٽي قائم ڪرڻ ضروري آهي. جنهن تي يونيورسٽين واري وزير اسماعيل راهو ٺهراءَ جي مخالفت ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري شعبي جون 30 يونيورسٽيون آهن، جن مان ڪراچي ۾ 9 يونيورسٽيون آهن. هن چيو ته حڪومت فنڊ ۽ پروگرامن جي سرپرستي پڻ ڪري ٿي، وڌيڪ يونيورسٽيون پڻ ٺاهيون وينديون. بعد ۾ ايوان انهي قرارداد کي رد ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني سنڌ اسيمبلي ۾ وڻ پوکڻ جي قرارداد پيش ڪئي، جيڪا رد ڪئي وئي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جمعي تي 2:30 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.