| سنڌ اسيمبلي ۾گُل پلازا سانحي جو پڙاڏو: جماعتي ميمبر پاران رٿ: جاچ رپورٽ پيش ڪبي: گهرو وزير |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ۾ گُل پلازا سانحي تي جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق جي تحريڪ تي بحث نه ٿي سگھيو، پارلياماني وزير ضياءَ لنجار جي خاطرين تي محمد فاروق پنھنجي تحريڪ واپس وٺي ڇڏي، اجلاس دوران بي آرٽي ريڊ لائين، ٽرانسپورٽرن جي ھڙتال ۽ اليڪٽرڪ بسن بابت مخالف ڌر جي ميمبرن جا ٺھراءُ به ايوان ۾ پيش نه ٿي سگھيا. ڪالهوڪي اجلاس ۾ جماعتي ايم پي اي محمد فاروق گل پلازا سانحي بابت مھلي رٿ پيش ڪئي، گهرو وزير ضياالحسن لنجار چيو ته سنڌ حڪومت واقعي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آھي، رٿ جي مخالفت نه ٿا ڪريون، ڄاڻايل معاملي تي ايوان ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آھي، رٿ پيش ڪندڙ ميمبرن مطالبو ڪيو ته جاچ ڪاميٽي ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن کي شامل ڪيو وڃي، جڏهن ته جاچ رپورٽ ايوان ۾ پيش ٿيڻ گھرجي. گھرو وزير جي خاطري کانپوءِ محمد فاروق گل پلازا بابت مھلي رٿ، بي آرٽي ريڊ لائين ۽ گيس جي کوٽ وارا ٺھراءُ پڻ واپس وٺي ڇڏيا. اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ايم پي اي سجاد سومرو خانگي ٺھراءُ پيش ڪندي چيو ته صوبي ۾ اليڪٽرڪ بسن جو تعداد وڌائي 5 ھزار ڪيو وڃي، جنھن تي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 5 هزار بسون تمام وڏو تعداد آهي. ايتريون بسون آڻڻ ۾ وقت لڳندو، اهي جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ۽ مهانگيون آهن، جڏهن ته انفراسٽرڪچر جا مسئلا به آهن. شرجيل انعام ميمڻ جي خاطري تي سجاد سومري پنھنجو ٺھراءُ واپس وٺي ڇڏيو. انهي کان اڳ راندين واري کاتي بابت پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير محمد بخش مھر چيو ته نيشنل گيمز تي 50 ڪروڙ رپيا خرچ آيو، اسان جي ڪوشش آھي ته سنڌ ۾ وومين گيمز ڪرايون وڃن ، ڪراچي ۾ اسپورٽس سٽي جي اڏاوت پڻ غور ھيٺ آھي. اسپيڪر اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.