| سنڌ اسيمبلي ۾ احتجاج: متحده جو واڪ آئوٽ: پ پ ۽ متحده ذميوار آهن: جماعتي ايم پي اي |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪراچي ۾ نيپا چورنگي وٽ کليل گٽر ۾ ٻارڙي جي فوت ٿيڻ وارو سنڌ اسيمبلي پهچي ويو، اجلاس ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جو احتجاج، اپوزيشن ليڊر کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي ايم ڪيو ايم ميمبرن جو احتجاج، ايوان مان واڪ آئوٽ، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ معصوم ابراهيم جي موت کي انتهائي افسوسناڪ واقعو قرار ڏيندي چيو آهي ته ذميوارن جي نشاندهي ڪري کين سزا ضرور ڏني ويندي. ڪالهوڪي اجلاس ۾فوتي ٻالڪ ابراهيم لاءِ خاص دعا گهري وئي، ايم ڪيو ايم ميمبر افتخار عالم واقعي تي سخت احتجاج ڪندي چيو ته ڇا ڪراچي جا ٻار اهڙي طرح گٽرن ۾ ڪرندا رهندا؟ حڪومت اهڙن واقعن جو ازالو ڪڏهن ڪندي؟ هن چيو ته کليل مين هول موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهن. ڪي ايم سي ۽ ڪينٽونمينٽ علائقن ۾ گٽر کليل آهن. هن چيو ته 11 ڪلاڪن کانپوءِ هڪ معصوم ٻار جو لاش مليو آهي. جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو ته هن ماءُ کان پڇو، هن جي دل ٽٽل آهي، اسان جو ڪائونسلر ۽ ٽائون چيئرمين اتي موجود هئا. هن چيو ته ڪراچي جو ميئر ۽ ضلعي انتظاميه ڪو به جواب نه ڏئي رهي آهي. بي آر ٽي ريڊ لائين تي هي ٽيون واقعو ٿيو آهي. هن واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. هن سوال ڪيو ته ڪراچي جا شهري ڪيستائين لاش کڻندا رهندا؟ هن پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، محمد فاروق چيو ته واٽر اينڊ سوريج ڪارپوريشن کي ايم ڪيو ايم تباهه ڪيو، اسيمبلي ميمبر ريحان بندوقڙا چيو ته ٻارڙي جي فوت ٿيڻ وارو انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، ذميوارن جي نشاندهي ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته آئون ڪنهن جو نالو نه وٺندس، بس سوچيو ته جيڪڏهن اهو توهان جو پٽ هجي ها ته ڇا ٿئي ها. هن چيو ته اسيمبلي ۾ اسان سڀ مرد چوڙيون پائي ويٺل آهيون. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مين هول ۾ ٻار ڪرڻ وارو واقعو افسوسناڪ آهي، هن چيو ته اسيمبلي ۾ اهڙن معاملن تي بحث ٿيڻ گهرجي ته جيئن ٻيا ماڻهو محفوظ رهي سگهن. هن چيو ته هي ٻار ڪنهن جو به ٿي سگهي ٿو؟ معصوم ٻار جي تصوير ڏسي ڏک ٿيو. هن ايوان کي ٻڌايو ته جيئن ئي واقعو ٿيو، ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهتيون، بچاءُ جي عمل جون سڀئي تصويرون اتي موجود آهن. سينئر وزير چيو ته ،مون ڪراچي جي ميئر سان ڳالهايو آهي، جنهن 88 هزار مين هولز تي ڍڪ لڳايا آهن، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪو به ان واقعي جو ذميوار آهي ان کي سزا ملڻ گهرجي، وزير جي حيثيت سان جيڪڏهن اها منهنجي ذميواري آهي ۽ مون لاپرواهي ڪئي آهي ته پوءِ مون کي به استعيفا ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته انساني جان کان وڌيڪ قيمتي ڪجهه به ناهي، اها اسان سڀني جي اجتماعي ذميواري آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جنهن طريقي سان هي مسئلو اٿاريو، اهو ساراهه جوڳو آهي، شرجيل انعام ميمڻ ايوان کي يقين ڏياريو ته جيڪڏهن ڪنهن به کاتي جو ڪو به آفيسر لاپرواهي جو ذميوار نڪتو ته ان کي سخت سزا ڏني ويندي. ان موقعي تي مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي معاملي تي ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو پر ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني کيس چيو ته ڌيان ڇڪائڻ وارن نوٽيسن کي حل ڪرڻ کانپوءِ کيس ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويندو. جڏهن ته مخالف ڌر جي اڳواڻ کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني وئي ته ايم ڪيو ايم جي ميمبرن احتجاج ڪيو، اهي پنهنجي سيٽن تان اٿيا ۽ گوڙ ڪرڻ لڳا، بعد ۾ اهي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ميمبرن جي ڌيان ڇڪائيندڙ نوٽيسن تي بحث نه ٿي سگهيو.. ايوان جي ڪارروائي دوران شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جو ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي ڏانهن موڪليو ويو. ايوان جي ڪارروائي دوران ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي واري کاتي سان لاڳاپيل سوالن دوران پارلياماني سيڪريٽري سيد حسن شاهه ميمبرن جا تحريري ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏنا. هن چيو ته ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ 38 هزار ٻوٽا لڳايا ويا آهن، جڏهن ته مينگروز لڳايا پيا وڃن. اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن 12 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
| مين هول گٽر نالي ۽ پاڻي لائين جو ناهي: واٽر بورڊ |
ڪراچي: ڪراچي واٽر بورڊ پريس رليز جاري ڪندي چيو ته ٻارڙو جنهن مين هول ۾ ڪريو، اهو نالو گٽر جو ناهي ۽ نه وري پاڻي لائين آهي، اهو اسان جي انتظامن هيٺ نٿو اچي. ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي ته اهو برساتي پاڻي جي نيڪال جو نالو آهي، برساتي پاڻي جا نالا ڪي ايم سي ۽ ٽائونن جي انتظام هيٺ اچن ٿا. واضح رهي ته شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ مين هول کليل آهن، جنهن سبب حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن