ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي جي 50 سيڪڙو ميمبرن (ايم پي ايز) پنهنجي روايت برقرار رکندي بجيٽ اجلاس دوران هڪ لفظ به نه ڳالهايو! سنڌ سرڪار پاران 10 جون تي مالي سال 2023_24ع جي پيش ڪيل بجيٽ اجلاس دوران 168 ميمبرن مان 50 سيڪڙو ميمبر پنجين سال به خاموش رهيا، هنن ايوان ۾ ڪو به مطالبو يا ٺهراءُ پيش نه ڪيو
ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي 6 ڏينهن بحث ٿيو، وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ ڪلاڪ 42 منٽن جي تقرير ڪئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي 99 مان 48 ميمبرن پنهنجي حڪومت جي بجيٽ بابت ڪجهه چوڻ ضروري نه سمجهيو
اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي 50 ميمبرن16 ڪلاڪ 36 منٽ تقريرون ڪيون، جن مان سندن ساڍا 7 ڪلاڪ جون تقريرون بجيٽ جي خصوصيتن جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ هيون. اجلاس ۾ صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو بجيٽ تقرير دوران پنهنجي کاتي جي تازي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي حدفن تي روشني وڌي
عذرا پيچوهو کانسواءِ ٻين وزيرن جي تقريرن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ)، 9 مئي ۽ مڪاني چونڊن جي نتيجن سميت سياسي معاملن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو، پيپلز پارٽي جا ڪيترائي ميمبر اهڙا هئا، جيڪي صرف فريال ٽالپر جي تقرير واري ڏينهن اجلاس ۾ آيا، جڏهن ته ڪجهه ميمبرن وڏي وزير جي تقرير واري ڏينهن بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي
سنڌ اسيمبليءَ جي بجيٽ اجلاس ۾ پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل سميت 26 ميمبرن شرڪت نه ڪئي. جڏهن ته بجيٽ تي بحث ۾ پي ٽي آءِ جي 2 باغي ميمبرن شرڪت ڪئي
بجيٽ اجلاس ۾ متحده قومي موومينٽ جي 21 مان 20 ميمبرن شرڪت ڪئي، جن مان 19 ميمبرن 7 ڪلاڪ 19 منٽ ڳالهايو، متحده مجلس عمل جي ميمبر عبدالرشيد بجيٽ تي تنقيد ڪندي ڪرپشن جو ذڪر ڪيو، هن ايوان کي مختلف اسڪيمن بابت آگاهه ڪندي لياري لاءِ اسڪيمن جو مطالبو ڪيو
گرانڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) سان تعلق رکندڙ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نصرت سحر عباسي ڪيترن ئي مهينن کان پرڏيهه ۾ هجڻ سبب بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي، شڪارپور سان تعلق رکندڙ ايم پي اي شهريار مهر پڻ بجيٽ اجلاس ۾ ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو، اجلاس ۾ جي ڊي اي جي 14 مان 6 ميمبرن هڪ ڪلاڪ 56 منٽن تائين تقريرون ڪيون
بجيٽ اجلاس ۾ تحريڪ لبيڪ جي 3 مان 2 ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته 55 منٽ تقريرون ڪيون