سنڌ اسيمبلي ۾ لوڊشيڊنگ جون دانهون: حيسڪو ۽ سيپڪو صوبي جي ماتحت ڪريو: سنڌ سرڪار

سنڌ اسيمبلي ۾ لوڊشيڊنگ جون دانهون: حيسڪو ۽ سيپڪو صوبي جي ماتحت ڪريو: سنڌ سرڪار
سنڌ اسيمبلي ۾ لوڊشيڊنگ جون دانهون: حيسڪو ۽ سيپڪو صوبي جي ماتحت ڪريو: سنڌ سرڪار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ بجلي جي ڊگھي لوڊشيڊنگ جون دانهون، سنڌ حڪومت بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنيون صوبن جي ماتحت ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،  ڪالهه اجلاس ۾ ايم پي اي محمد فاروق ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ جا شهري بجلي جي شديد بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ ڪراچي ۾ 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، رات جو 2 وڳي به بجلي بند ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب شهري سخت پريشان آهن۔ هن سوال ڪيو ته ڇا ڪي اليڪٽرڪ صوبائي حڪومت کان بالاتر آهي؟ هن چيو ته انهي معاملي تي لاڳاپيل ڪاميٽي جي اجلاس ۾ آواز اٿاريو ويندو،  جنهن تي پ پ  جي امتياز شيخ  چيو ته لوڊشيڊنگ وڏو مسئلو بڻجي چڪي آهي، رڳو ڪراچي نه پر صوبي جا مختلف ضلعا بجلي جي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ هن مطالبو ڪيو ته بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن جي ماتحت ڪيو وڃي ته جيئن عوام جا مسئلا بهتر نموني حل ٿي سگهن، هن چيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو کي به صوبائي حڪومت جي ماتحت آندو وڃي، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۾ به صوبائي حڪومت جو ڪو نمائندو موجود ناهي، جنهن سبب ڪيترن معاملن ۾ صوبي جي راءِ شامل نٿي ڪئي وڃي۔