سنڌ اسيمبلي ۾ ميگا ڪرپشن جي جاچ: سيڪريٽري عمر فاروق ۽ سندس ڀاتين جي اثاثن جا تفصيل طلب

ڊسمبر 9, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ۾ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل، نيب اختيارين پاران سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري ۽ سندس گھر ڀاتين خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ آمدن کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري انڪوائري ۾ اهم اڳڀرائي، نيب اختيارين سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري سميت سندس والد ۽ اڳوڻي سيڪريٽري توڙي سندس گھر ڀاتين جي اثاثن کي به جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيو، نيب پاران ڊپٽي ڪمشنر اوڀر کي خط لکي سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري عمر فاروق ٻرڙو، سندس والد ۽ اڳوڻي سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي هادي بخش ٻرڙو سميت 12 گھرڀاتين جي ملڪيتن جي تفصيلي رپورٽ گھرائي ورتي آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ اسيمبلي جي مختلف تعميراتي ۽ مرمتي منصوبن ۾ گھپلن سميت اختيارن جي ناجائز  استعمال ڪرڻ واري اسڪينڊل جي جاچ لاءِ نيب جون اختياريون حرڪت ۾ اچي ويون آهن، نيب جي اختيارين پاران سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري تي آمدن کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ واري شروع ڪيل انڪوائري ۾ سنڌ اسيمبلي جي هاڻوڪي سيڪريٽري عمر فاروق ٻرڙو، سندس والد ۽ اڳوڻي سيڪريٽري هادي بخش ٻرڙو، صائمه خاتون، مسمات حرمت، ناصر حسين، عائشه بانو، حميره بانو، غلام مجتبيٰ، عافيه بانو، راشد حسين، عريبه راشد ۽ زبير حسين  جي ملڪيتن جا تفصيل گھرائي ورتا آهن. ان سلسلي ۾ نيب جي انڪوائري ٽيم پاران ڊي سي ايسٽ ڪراچي کي خط لکي کيس پابند بڻايو ويو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي هاڻوڪي ۽ اڳوڻي سيڪريٽرين توڙي سندس گھر ڀاتين جي ملڪيتن جو رڪارڊ گڏ ڪري نيب جي انڪوائري ٽيم وٽ پيش ڪيو وڃي. نيب جي اختيارين ڊي سي ايسٽ ڏانهن اماڻيل خط ۾ لکيو ويو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري سميت ڄاڻايل 12 ڄڻن جي نالي تي دڪانون، پلاٽ، فليٽ، گھر يا رجسٽرڊ ٿيل ڪا ٻي ملڪيت يا ليز تي ورتل پراپرٽي توڙي رڪارڊ تي چڙهيل ٻين اثاثن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن

اينٽي ڪرپشن اختيارين بند ڪيل انڪوائريون نه کوليون

ڪراچي: اينٽي ڪرپشن جي اختيارين پاران بند ڪيل انڪوائريون چيف سيڪريٽري جي هدايتن باوجود اوپن نه ڪيون، اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين سنڌ اسيمبلي ۾ ڪرپشن، اختيارن جي ناجائز استعمال، غيرقانوني ترقين سميت غيرقانوني ڀرتين ۽ ٻين معاملن خلاف مختلف وقتن تي ٿيل انڪوائرين جو رڪارڊ چيف سيڪريٽري وٽ اڃا تائين پيش نه ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته اينٽي ڪرپشن اختيارين پاران سنڌ اسيمبلي ۾ مختتلف وقتن گھپلن، غيرقانوني ترقين، غيرقانوني ڀرتين سميت ٻين معاملن خلاف ٿيل انڪوائريون پراسرار طور تي بند ٿيڻ بعد سنڌ اسيمبلي جي اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند جي سفارش تي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم عفران پاران اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين کي خط لکي کيس هدايت ڪئي وئي هئي ته سنڌ اسيمبلي جون جيڪي به اينٽي ڪرپشن ۾ انڪوائريون هلندڙ آهن يا جيڪي انڪوائريون مڪمل ڪري بند ڪيون ويون آهن انهن جو سمورو اسٽيٽس فراهم ڪيو وڃي. چيف سيڪريٽري جي خط کي لڳ ڀڳ مهينو گذري وڃڻ باوجود اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين انڪوائرين جو رڪارڊ چيف سيڪريٽري حوالي نه ڪيو ويو آهي.

سرڪاري گاڏين جي غائب هجڻ سميت ڪرپشن وارا معاملا عدالتن تائين پهتل

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي سرڪاري گاڏين جي غائب هجڻ سميت ڪرپشن ۽ غيرقانوني ترقين وارا معاملا عدالتن تائين به پهتل آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ اسيمبلي جون 60 کان وڌيڪ گاڏيون غائب هجڻ باوجود ڄاڻايل غائب ٿيل سرڪاري گاڏين جي پيٽرول ۽ مرمت جي مد ۾ هر مهيني بجيٽ استعمال ٿيڻ توڙي اسيمبلي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ غيرقانوني طور تي ڪامورن ۽ هيٺين گريڊ جي ملازمن کي ترقيون ملڻ وارا معاملا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به هلندڙ آهن.

Leave A Comment