| سنڌ اسيمبلي ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچن جي قيام بابت بل تي گوڙ: نو نو جا نعرا |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي وزير ضياءَالحسن لنجار پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچن جي قيام بابت پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2025 پيش ڪرڻ تي اپوزيشن جو گوڙ، بِل متفقه طور تي پاس ٿي ويو، ڪالهوڪي اجلاس ۾ گھرو وزير ضياالحسن لنجار سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني بينچز پريڪٽس اينڊ پروسيچر بل 2025ع پيش ڪيو، جيڪو ايوان مان پاس ٿي ويو، بِل پيش ٿيڻ وقت پي ٽي آءِ جي ميمبرن ”نو نو“ جا نعرا هڻندي گوڙ شروع ڪيو جنهن تي ضيا لنجار ڳالهائيندي چيو ته هتي گوڙ ڪندڙ ميمبر اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ موجود هئا، اتي هنن اعتراض نه ڪيو، ڪاميٽي جي اجلاس جا منٽس به موجود آهن. هاڻي اسيمبلي ۾ گوڙ ڪيو پيو وڃي، هي مارڪيٽ نه پر اسيمبلي جي ڪاروائي آهي. هن مخالف ڌُر جي ميمبرن تي تنقيد ڪندي چيو ته ميمبرن کي شايد خبر ناهي ته ايوان ڪيئن هلندو آهي؟ گهرو وزير ضيالنجار سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ٽيچر ايجوڪيشن بل 2025 پيش ڪيو جيڪو هڪ هفتي لاءِ ڪاميٽي ڏانهن اماڻيو ويو، سنڌ اسيمبلي مان سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي ترميمي بل گڏيل طور پاس ڪيو ويو. اجلاس ۾ خوراڪ کاتي بابت سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير محبوب الزمان چيو ته جيڪب آباد ۾ خراب آئل بابت ڪاروائي جا تفصيل موجود آهن، اسان وٽ وڌ ۾ وڌ ڏنڊ 10 لک رپيا آهي، هن چيو ته بارداڻي بابت سنڌ حڪومت اڳواٽ آگاهي ڏيندي، ڪڻڪ جو اگهه ڪابينا ذريعي مقرر ڪيو ويندو آهي..