سنڌ اسيمبلي 8 آگسٽ تي ٽوڙڻ جو فيصلو: الوداعي تقريب جي تياري

جُولاءِ 18, 2023

ڪراچي (رپورٽ : شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي 11 آگسٽ بدران 8 آگسٽ تي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته پ پ پاران الوداعي تقريب جي تياري پڻ شروع ڪئي وئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت سنڌ اسيمبلي وقت کان اڳ يعني 11 آگسٽ بدران 8 آگسٽ تي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ڪابينا ميمبرن کي 6 آگسٽ کان اڳ رٿائن جا افتتاحي پروگرام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

 ان حوالي سان ذريعن ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪابينا جي ميمبرن ۽ سنڌ اسيمبلي جي اختيارين کي آگاهي ڏئي ڇڏي آهي ته سنڌ اسيمبلي کي 11 بدران 7 يا 8 آگسٽ تي ٽوڙيو ويندو

سنڌ اسيمبلي جي ذريعن موجب  اسيمبلي ٽوڙڻ کان اڳ يعني 6 آگسٽ تائين سمورن وزيرن ۽ ايم پي ايز کي مختلف اسڪيمن جون افتتاحي تقريبون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

 ذريعن موجب سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ کان 2 ڏينهن اڳ سنڌ ڪابينا جي نجي هوٽل يا سي ايم هائوس ۾ الوداعي تقريب به رکي ويندي

Leave A Comment