| سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو شاگرد مارچ کيبر پهتو |
کيبر (ن پ ا) سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن مرڪز پاران سنڌ شاگرد مارچ کيبر پھچڻ تي شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو. ريلي ڀٽ شاھه کان پيادل نڪتل مارچ 9 نومبر تي ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي جي مک گيٽ اڳيان جلسي جي صورت اختيار ڪندو. ريلي ۾ شاگرد تنظيمن جا اڳواڻن توڙي شاگرد عورتون وڏي تعداد ۾ شامل آھن. مارچ جي قيادت جساف آريسر مرڪز پاران جساف مرڪزي صدر اسد سنڌ يار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي عمراڻي ڪئي. اڳواڻن سرائي ڪميل، فرحان پنھور، صالح جمالي سعيد چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ھن لانگ مارچ جا جيڪي بنيادي نڪتا آھن، اھي تعليم ادارن ۾ نجڪاري بند ڪئي وڃي تعليم ادارن مان سيڪيورٽي فورسز کي نيڪالي ڏني وڃي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي والار نامنظور آھي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ بند ڪئي وڃي، سياسي شاگرد مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ وارو عمل بند ڪيو وڃي شاگرد يونين کي بحال ڪيو، تعليمي ادارن ۾ شاگردن سان حراسمينٽ ھيسائڻ وارو عمل بند ڪيو وڃي، انھن سنڌ جي شاگرد توڙي ساڃاهه وندن کي اپيل ڪندي چيو آهي اچو اسان سان ھن جدوجهد ۾ گڏ ٿيو لانگ مارچ 9 نومبر تي جلسي جي صورت ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پهچندو پيادل لانگ مارچ کيبر مان نڪري پنھنجي منزل ڏانهن روان دوان ٿيو آھي.