ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شفافيت ۽ جوابده حڪمراني کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ اهم قدم، سنڌ انفارميشن ڪميشن (SIC) ۽ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل (TI) پاڪستان سنڌ ۾ شفافيت ۽ کليل حڪمراني کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گڏيل تعاون تي اتفاق ڪيو آهي. سنڌ انفارميشن ڪميشن جي آفيس ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس دوران، ٻنهي ڌرين سنڌ ٽرانسپيرنسي اينڊ رائيٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ 2016 جي مؤثر عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو، جنهن کي شهرين کي معلومات تائين رسائي مهيا ڪرڻ ۽ ادارتي شفافيت ۽ جوابدهي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ بنيادي حيثيت حاصل آهي. اجلاس ۾ عوامي آگاهي وڌائڻ، سرڪاري ادارن جي صلاحيت وڌائڻ، ۽ معلومات جي بروقت ۽ اڳواٽ فراهمي لاءِ طريقن کي بهتر بڻائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ سنڌ انفارميشن ڪميشن جو ڪمشنر محمد سليم خان ۽ نور محمد دايو شريڪ ٿيا، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ذوالفقار شيخ پڻ موجود هو. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي طرفان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪاشف علي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پروجيڪٽ مينيجرز نسرين ۽ فريحه پڻ موجود هيون. ٻنهي ڌرين جي نمائندن زور ڀريو ته شفاف حڪمراني عوامي اعتماد بحال ڪرڻ ۽ خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي. ان موقعي تي گڏيل تعاون لاءِ هڪ فريم ورڪ تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن ۾ آگاهي مهمون، ٽيڪنيڪل مدد ۽ پاليسي ايڊووڪيسي شامل هوندي. اهو به طئي ڪيو ته شفافيت ۽ سٺي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ آر ٽي آءِ قانون ۾ بهتري آڻڻ لاءِ باقاعده مشاورتي عمل جاري رکيو ويندو.