سنڌ اول ـ سنڌ آخر

                 روزاني پنهنجي اخبار (تاريخ 20 نومبر 2025) ۾ ڇپيل هڪ خبر مطابق ته ايندڙ چوماسي کي منهن ڏيڻ واسطي وزير اعظم جي صدارت هيٺ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري. انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ جي وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه، وفاقي وزير مصدق ملڪ, NDMA چيئرمين, وزير داخلا محسن نقوي، احسن اقبال ۽ ٻين واسطيدار عملدارن شرڪت ڪئي. انهيءَ گڏجاڻيءَ متعلق اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ وفاقي وزير مصدق ملڪ هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ايندڙ چوماسو هن سال جي چوماسي کان 26 سيڪڙو وڌيڪ هوندو. اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وزير اعظم 250 ڏينهن جي هڪ پروگرام جي منظوري ڏني آهي. انهن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌو ۽ جهلم درياهه تي نوان ڊيم ٺاهي سگهون ٿا، انهيءَ لاءِ صوبن سان مشاورت ڪئي ويندي ته پاڻيءَ کي ڪيئن روڪي ۽ محفوظ بنائي سگهجي ٿو.

                 ڪجهه وقت پهرين ملڪ ۾ 27هين ترميم جو وڏو چؤٻول رهيو. آخرڪار سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جي منظوري کان پوءِ 13 نومبر 2025 تي صدر پاڪستان جي منظوري سان اها ترميم ملڪ جي آئين جو حصو ٿي وئي. انهيءَ ترميم جي منظر عام تي اچڻ کان اڳ ۾ ۽ منظور ٿيڻ کان پوء ان تي اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي. انهيءَ ترميم جي ڪري سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن احتجاجن استعيفا ڏئي ڇڏي. پارليامينٽ ۾ موجود مخالف ڌر جتي ان ترميم جي پارليامينٽ ۾ مخالفت ڪئي، اتي وري ملڪ ۾ ”تحفظ آئين پاڪستان“ جي نعري هيٺ ان خلاف احتجاج ڪري رهي آهي. ستاويھين ترميم جي خلاف منهنجو هڪ مضمون ”27 هين ترميم ملڪ ۾ قسطائي جمهوريت جو رستو“ جي عنوان هيٺ 6 نومبر 2025 جي روزاني پنهنجي اخبار ۾ شائع ٿيو هو.

ملڪي آئين اهو دستاويز هوندو آهي، جنهن جو مکي مقصد ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، حڪومت جي مختلف ادارن وچ ۾ اختيارن جي ورهاست ۽ شهرين جي بنيادي حقن جي  ضمانت شامل هوندي آهي. يا وري مختصر طور هيٺين ريت چئي سگهجي ٿو:

* حڪومتي ڍانچي جو تعين ڪرڻ

* سياسي اختيارن جي ورهاست

* شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ

* شهرين جي ذميدارين جو تعين ڪرڻ

* ملڪي سلامتي ۽ امن امان جي بحالي

* ملڪ جو اعلى` قانون، جنهن تحت ٻيا سڀئي قاعدا قانون ان ماتحت هجن. ان ۾ تبديلي آسانيءَ سان نه ڪري سگهجي. جيڪي ملڪ هڪ کان وڌيڪ قوميتن تي مشتمل هوندا آهن، انهيءَ آئين ۾ وري انهن قومن جي حقن ۽ ان ملڪ / صوبي جي سرحدن جي ضمانت ڏنل هوندي آهي. آئين ڪو آسماني صحيفو نه آهي، جو ان ۾ ترميم نه ڪري سگهجي. اهڙي ترميم لاءِ اهو پهريون شرط هجڻ گهرجي ته اها ملڪ ۽ عوام جي فائدي وٽان هئڻ گهرجي. اهڙي ترميم سان ملڪ ۾ شامل ٻين قوميتن جي مفادن کي نقصان نه پهچڻ گهرجي. ان سان گڏوگڏ ڪا به ترميم  وفاقي ملڪي ڍائچي جي جمهوري قدرن جي خلاف نه هئڻ گهرجي ۽ نه ئي اختيار ڪنهن هڪ فرد کي ڏئي، ملڪ جي مڙني ادارن، يعني پارليامينٽ، عدليه ۽ انتظاميا کي فرد واحد جي تابع ڪري ڇڏي.

آئين ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ پڻ هڪ طريقه ڪار ڏسيل آهي. اسان ان تي ڪيترو عمل ڪريون ٿا، اهو تازو ستاويهين ترميم جي منظوري مان ظاهر آهي. جهڙي نموني سينيٽ مان اها ترميم منظوري ڪرائي ويئي، اها نهايت ئي افسوس ناڪ ڳالهه آهي. انھيءَ ترميم تي اڃا صدر جي صحيءَ جي مس نه سڪي آهي ته وري 28هين ترميم جا دھل وڄڻ شروع ٿي ويا آهن. انهيءَ ترميم ۾ وري نوان صوبا ٺاهڻ، صوبن کي قومي مالياتي ڪميشن ۾ مليل ضمانت ختم ڪرڻ ۽ ان سان گڏ ٻيون راڳڻيون ڇيڙڻ جون ڳالھيون ٿي رهيون آهن. انهيءَ راڳڻي تي طبلي تي سنگت  لاءِ ڪراچيءَ مان  هڪ جماعت اعلان ڪري چڪي آهي. ملڪ جو ڪار وهنوار هلائيندڙ طاقتور ڌرين وٽ مخصوص حالتن ۾ ملڪ ۾ نظم و ضبط جي صورتحال پيدا  ڪرڻ لاءِ هر قسم جا فنڪار ۽ سازندا موجود هوندا آهن. ائين انهن جي ذريعي هڪ دفعو ٻيهر ملڪ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ 30 سيپٽمبر, 18 آڪٽوبر، 6 مئي ۽ 27 ڊسمبر جهڙا واقعا دهرايا ويندا. ائين هڪ دفعو وري ٻيهر سنڌ ۾ رت جي راند رچائي ويندي.

موجودہ حالتن ۾ مرڪزي وزير طرفان نون ڊيمن جي ڳالهه ڪرڻ عجيب لڳي رهي آهي. مسلم ليگ (ن) جڏهن به اقتدار ۾ هوندي آهي ته هن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ نواز شريف جي وزارت عظمى` جي دور ۾ ارسا ائڪٽ ۾ ترميم جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي هئي۔ 2024ع ۾ اقتدار ملندي انهيءَ پارٽيءَ ٻيهر ارسا ائڪٽ ۾ ترميم تي عمل شروع ڪيو، پر هڪ دفعو ٻيهر ناڪام ٿي. انهيءَ سڄي معاملي ۾ انهيءَ جماعت کي ملڪ جي طاقتور ڌرين جي آشيرواد شامل آهي. هڪ دفعو ٻيهر سنڌوءَ تي ڌاڙي هڻڻ جو خواب ڏسندڙ ڌرين طرفان پيپلز پارٽي کي پنهنجو همنوا ٺاهي ڇهن واهن ذريعي پاڻيءَ تي ڌاڙي جي ڪوشش ڪئي وئي. سنڌ جي دانشورن، قوم پرستن، ترقي پسندن ۽ سول سوسائٽي کي جس آهي، جن ان ڌاڙي کي عوامي طاقت ذريعي عدم تشدد ۽ پرامن جدوجھد سان هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ڪيو. ائين سنڌ جا ماڻهو سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف 1857ع کان وٺي اڄ تائين برسرپيڪار آهن. انهيءَ سڄي عرصي ۾ نه هو ٿڪا آهن ۽ نه ئي آڻ مڃي اٿن.

ملڪي اسٽيبلشمينٽ جيڪا اڇي ڪاري جي مالڪ آهي، انهيءَ جي ۽ پنجابي حڪمرانن جي هڪ عجيب نفسيات آهي ته جڏهن به دريائن ۾ ڪا ٻوڏ ايندي آهي ته هو چوندا آهن ته جيڪڏهن ڊيم ٺهيل هجن ها ته ٻوڏ ايترو نقصان نه ڪري ها، جيئن 2025ع ۾ چناب، ستلح ۽ راوي دريائن ۾ ٻوڏ آئي ته اهو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهيل هجي ها ته ٻوڏ ايڏو نقصان نه ڪري ها. حقيقت ۾ 2025ع جي ٻوڏ ۾ ٿيل نقصان پنجاب ۽ مرڪزي حڪومت جي غلط حڪمت عمليءَ جو نتيجو آھي. اهو چوڻ ۾ اچي ٿو ته پنجاب ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اين-ڊي-ايم-اي کي ذميداري ڏني وئي هئي.. اين-ڊي-ايم-اي جي ڪارڪردگي انهيءَ مان ظاهر آهي جو ان جي چيئرمين اهو اعلان ڪيو ته گڊو بئراج تي 13 لک ڪيوسڪ پاڻي ايندو. پاڻي ڪيترو آيو، اهو اسان جي سامهون آهي۔  جيڪڏهن اهڙن اهل ماڻهن کي اڳواڻ ٺاهيو ويندو ته پوءِ ملڪ ضرور ٻڏندو.

جيستائين نون ڊيمن ٺهڻ جي ڳالهه آهي ته هن وقت تائين سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين مان سواءِ چناب نديءَ جي ٻي ڪا به اهڙي ندي نه آهي، جنهن تي ڊيم ٺهيل نه هجن. هن وقت به ڀاشا داسوء ۽ مهمند ڊيم تي ڪم هلي رهيو آهي. چناب نديءَ تي ڪوبه ڊيم نه ٺهي سگهندو ۽ صرف سنڌو درياهه تي ڪالاباغ ڊيم اهڙو هنڌ آهي، جتي ڊيم ٺهي سگهي ٿو. اها سڀ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي سازش آهي. جيستائين موسمياتي تبديلين ڪري ايندڙ ٻوڏن جي سلسلي جو تعلق آهي ته ان لاءِ ماهرن جي چوڻ مطابق ته ٻوڏن جو سلسلو شايد 2050ع تائين هلي ۽ ان کان پوءِ سوڪهڙي جي مند شروع ٿيندي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته 2050ع کانپوءِ ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هوندي ۽ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.

ملڪ جي واڳ ڌڻين ۽ حڪومت وقت کي ڪجهه سالن کان پوءِ ايندڙ آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ هينئر کان ئي ڪا حڪمت عملي ٺاهڻ کپي. انهيءَ سلسلي ۾ 2018ع ۾ حڪومت طرفان اعلانيل قومي پاڻي پاليسي، جنهن ۾ اهو واضح چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ موجوده آبپاشي نظام کي بند ڪري، ان جي جاءِ تي دنيا ۾ رائج نون ۽ جديد آبپاشي نظامن ڏانهن وک وڌائي ويندي. ملڪ جي واڳ ڌڻين ۽ حاڪم وقت کي گهرجي ته انهيءَ قومي پاڻي پاليسيءَ تي جيترو جلد ٿي سگهي، عمل شروع ڪن. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ۽ رڳو ڊيم مافيائن جي ڏسيل واٽ تي هلندا رهيا ته ايندڙ وقت ملڪ لاءِ ڏاڍو ڏکيو هوندو.

سنڌ جيڪا آدجڳاد کان موجود آهي. انهيث لاءِ هڪ روايت آهي ته حضرت آدم جي پٽ سنڌ جي نالي پٺيان هي علائقو سنڌ سڏجي ٿو. اها حقيقت آهي ته سنڌ دنيا جي نقشي تي   پنج هزار سال پهرين موجود هئي. ائين سنڌ جي پنهنجي هڪ الڳ ۽ منفرد حيثيت آهي. تاريخ مان اهو پڻ پتو پوي ٿو ته سنڌ جتي سڪندر اعظم سان مهاڏو اٽڪايو، اتي عربن، ترخانن، مغلن ۽ انگريزن جي خلاف به برسر پيڪار رهي پنهنجي الڳ حيثيت برقرار رکي آهي. 1940ع ۾ هڪ ٺاهه هيٺ سنڌ برصغير ۾ ٺهندڙ نئين ملڪ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي رضامندي ڏني۔ سنڌ جي الڳ حيثيت جو اندازو انهيءَ مان ڪري سگهجي ٿو ته 1947ع کان پوءِ به سنڌ حڪومت جي سربراهه کي وزير اعظم سڏيو ويندو هو. هاڻي انهيءَ سنڌ کي سهڻيءَ وانگي ڀاڱا ڪرڻ لاءِ واڳن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌ ڪو بمبئي بيڪري جو ڪيڪ نه آهي، جو ان کي ڀاڱا ڪري پاڻ ۾ ورهائي کڻندا. اها سنڌ، جنهن جي لاءِ لطيف سائين چيو آهي ته،

سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار

يا وري اياز چيو آهي ته،

اھا سنڌ ڪعبو به ڪاشي به آ،

چوي ڇا به ڪو شيخ يا برهمڻ

انھيءَ تي اسان جي خدائي کٽي،

نه فردوس بھتر نه باغ عدن.

ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي اهو پيغام ڏنو آهي ته سنڌ جو ماڻهو پنهنجن قومي حقن ۽ قومي وسيلن جي بچاءُ لاءِ ڪهڙي به حد تائين وڃي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ سنڌ اول آهي ـ سنڌ آخر آهي.