سنڌ ايف بي آر  جا رڪارڊ ٽوڙيا، وفاق کان وڌيڪ ٽيڪس وصولي لاءِ تيار آهيون: بلاول

  سنڌ ايف بي آر  جا رڪارڊ ٽوڙيا، وفاق کان وڌيڪ ٽيڪس وصولي لاءِ تيار آهيون: بلاول

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاق جي مشڪلاتن کي سمجهون ٿا، ڪجهه وزير سوچي رهيا آهن ته صوبن کان وسيلا ورتا وڃن، جيڪي سمجهن ٿا ته 18هين ترميم غلط آهي ته اُهي اين آءِ سي وي ڊي ڏسن، صوبن کي فنڊز منتقل ٿيا ته اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿيو، اين آءِ سي وي ڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان وفاق جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سٺي نموني ادارا هلائي سگهون ٿا، سنڌ سيلز ٽيڪس آن سروسز  جي اوڳاڙي ۾ ايف بي آر جا به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، اسان وفاق کان وڌيڪ ٽيڪس وصولي لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن سنڌ ٽارگيٽ پورو نه ڪري ته بيشڪ توهان پئسا نه ڏيو. ھن چيو ته اسين وفاقي حڪومت کان ادارن کي بهتر طريقي سان هلائي سگهون ٿا، اسين اين آءِ سي وي ڊي جي صورت ۾ اهو ثابت ڪري چڪا آهيون جڏهن اسين آياسين ته ٻڌايو ويو ته وفاق  جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي، ڪي وفاقي وزير سوچين ٿا ته صوبن کان وسيلا واپس وٺجن، وفاق اسان سڀني جو آهي، اسين سڀ پاڪستاني آهيون وفاق جڏهن سيلز ٽيڪس وصولي صوبن حوالي ڪئي، تڏهن سنڌ سڀ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري، سنڌ سيلز ٽيڪس جي وصولي ذريعي   ايف بي آر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي ، اسين وفاق لاءِ وڌيڪ ٽيڪس وصولي لاءِ تيار آهيون، جيڪي پئسا وصول ٿيندا، اهي وفاق کي ڏينداسين، جيڪڏهن  سنڌ پنهنجو ٽارگٽ پورو نه ڪري ته پوءِ وفاق پيسا نه ڏئي،  صوبائي خودمختياري لاءِ ضروري آهي ته صوبن تي ڀروسو ڪيو وڃي،  ھن چيو ته اسان وفاقي حڪومت کان بھتر طريقي سان ادارا ھلائي سگھون ٿا. اسان وفاقي حڪومت کي چونداسين ته اسان کي اڃا وڌيڪ ادارا ڏيو، اسان انهن کي بھتر ڪري سگھون ٿا ـ ھن چيو ته  18 ترميم کانپوءِ جناح اسپتال ۽ اين آءِ سي ايڇ وڏيون اسپتال بڻيون، صوبن کي فنڊز منتقل ٿيڻ سان اهو سڀ ممڪن ٿيو، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت سنڌ حڪومت ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، هن چيو ته دنيا ۾ رڳو هڪ شهر ڪراچي آهي، جتي سائبر نائف جي مفت سهولت آهي، جناح اسپتال ۾ سائبر نائف ذريعي علاج ڪيو وڃي ٿو انڊس اسپتال اسان جي سامهون هڪ مثال آهي ، اسان انڊس سان گڏجي سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون  ٻارن جي علاج لاءِ سڀني ضلعن ۾ سينٽر قائم ڪري رهيا آهيون اسان ٻارن کي مفت  علاج فراهم ڪري رھيا آھيون،  سنڌ ۾ ٻارن جي موت جي شرحِ گهٽ ٿي آهي  اسان مريضن کي معياري علاج فراھم ڪري رهيا آهيون ، اسان صحت جي شعبي ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن. تعليم جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت بھتري ايندي آھي. اسان پاڪستان جي ھر سيڪٽر ۾ پوري دنيا جو مقابلو ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته جيڪي سمجھن ٿا ته 18 ترميم اسان جي غلطي آھيم انھن لاءِ اين آئي سي وي ڊي ۽ جناح اسپتال  ثبوت آھن. ھن چيو ته  پيپلز پارٽي پنھنجي منشور تي عمل ڪندي صوبي جي عوام کي مفت علاج فراھم ڪري رھي آھي ، تقريب کي وڏي وزير سيد مراد شاهه خطاب ڪندي چيو ته اين آءِ سي وي ڊي سنڌ ۽ پاڪستان جي لکين مريضن لاءِ اميد جو ڪرڻو آهي، گذريل پنجن سالن ۾ سنڌ حڪومت صحت جي شعبي تي هڪ ٽريلين  (10 کرب )رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا آهن، اين آءِ سي وي ڊي ۾ سڌارن تي 50.77 ارب رپيا لڳايا، هتي ساليانو 14 لک مريض علاج ڪرائين ٿا،