| سنڌ ايمپلائيز الائنس پاران ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان |
نوابشاهه(رپورٽ: اياز ڏاهري (سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سربراهه حاجي محمد اشرف خاصخيلي چيو آهي ته سنڌ جا لکين ملازم روزاني پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان گڏجي 7 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائيندا، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته روزاني پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضيءَ پاران ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان جي آجيان ڪريون ٿا، آئون سنڌ جي لکين سرڪاري ملازمن خاص طور تي استادن کي اپيل ڪريان ٿو ته روزاني پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي اعلان کي ڀرپور موٽ ڏين، سمورا استاد سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ ايڪتا تقريبون ڪرائين، هن ايمپلائيز الائنس جي جدوجهدبابت ٻڌايو ته اسان جا 4 مطالبا ھئا، سرڪار ڳالهين بعد پينشن بابت نوٽيفڪيشن معطل ڪري پراڻو طريقيڪار بحال ڪيو،سرڪار وفاقي طرز تي ڊي آر اي ڏيڻ تي راضي ٿي آهي بينوويلنٽ فنڊ ۽ گروپ انشورنس بابت ڊرافٽ تيار آھي، انهن ٽنهي مامرن جي ڪابينا کي منظوري ڏيڻي آهي، هن ڇيو ته سرڪار پنهنجي واعدن تان پوئٽي هٽي ته لکين ملازم ٻيهر روڊن تي ھوندا، سنڌ جي ملازمن کي جلد وڏي خوشخبري ملندي، جنهن بعد وڏو جشن ملهائينداسين.