| سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران پاڻي ۽وسيلن جي مالڪي، آئيني ترميمن خلاف جهدوجهد جو اعلان |
ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران صوبي جي پاڻي، وسيلن جي مالڪي ۽آئيني ترميمن جي خاتمي لاءِ گڏيل جهدوجهد جو اعلان، ڪالهه هتي پريس ڪلب ۾ “ملڪ ۾ جاري سماجي، معاشي ۽ سياسي چيلنجز” جي سري هيٺ ڪوٺايل سنڌ نيشنل ڪانفرنس ۾ ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڊاڪٽر صفدر عباسي، فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ سردار عبدالرحيم، جسم جي چيئرمين رياض چانڊيو، اقبال ترين، بخشل ٿلهو ،اڳوڻي گورنر محمد زبير سميت ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو، ڪانفرنس ۾ ايس يو پي سربراهه سيد زين شاهه ٺهراءَ پيش ڪندي چيو ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمون حق حاڪميت، اظهار جي آزادي، پارلياماني بالادستي، عدليه جي آزادي ۽ قدرتي وسيلن جي مالڪي تي ڌاڙو آهن، جڏهن ته سمورن سياسي قيدين کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. قومي ڪانفرنس ۾ سنڌ اندر قلم 144 لاڳو ڪري سياسي مخالفن جي رستا روڪ ڪرڻ ۽ من پسند پارٽين کي جلسن ۽ جلوسن جي اجازت ڏيڻ جي به مذمت ڪئي وئي، ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌو سميت سمورن لاڳاپيل دريائن جي پاڻي ورڇ 1991 واري معاهدي تحت يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن جي نيلامي بند ڪري شاگرد يونين مٿان لڳايل پابندي ختم ڪئي وڃي، اتر سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن جو خاتمو آڻڻ، ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ بند ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ڪارونجهر سميت ورلڊ هيريٽيج جو درجو رکندڙ جبلن جي ڪٽائي روڪڻ تي زور ڏنو ويو، جڏهن ته اين ايف سي ايوارڊ کي صوبن جو آئيني حق قرار ڏيندي ان ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي کي ناقابل قبول چيو ويو، ٺهراءُ ۾ ڪراچي جي بنيادي ڍانچي (Infrastructure) جي فوري بحالي، شفاف منصوبا بندي ۽ جامع بحالي پروگرام شروع ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو