سنڌ بئراجز رٿا ۾ فنانس مينيجر واري پوسٽ تڪرار جو شڪار

سنڌ بئراجز رٿا ۾ فنانس مينيجر واري پوسٽ تڪرار جو شڪار

 سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ بئراجز پراجيڪٽ ۾ فنانس مينجر واري پوسٽ تڪرار جو شڪار ٿي وئي، رپورٽن موجب سيڊا جي جنرل مينيجر (فنانس) نعيم ميمڻ کي 18 جولاءِ 2025ع تي 90 ڏينهن جي چارج ڏئي مقرر ڪيو ويو هو، گذريل مهيني ايس بي آءِ پي پاران نئين فنانس مينجر جي مقرري لاءِ انٽرويو به ڪيا ويا پر نئون فنانس مينيجر مقرر نه ٿي سگهيو آھي، جڏهن ته چارج ڏنل مينيجر نعيم احمد ساڳي جاء تي موجود آھي. ان حوالي سان آبپاشي کاتي پاران سيڊا جي جي ايم ۽ چيف انجنيئر کي خط (نمبر2025/1803 لکي چيو  ويو آھي ته نئون فنانس مينجر مقرر ڪيو وڃي. پر سنڌ بيراجز امپروو مينٽ پروگرام جي اختيارن انهي خط کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب ارڙهين آڪٽوبر تي 90 ڏينهن جو مدو ختم ٿيل فنانس مينجر کان چيڪ صحيح ڪرايا پيا وڃن، ذريعن موجب اهو عمل قرض ڏيندڙ ورلڊ بينڪ جي پاليسين جي ابتڙ آھي، جن جي شرطن موجب ڪل وقتي فنانس مينجر مقرر ڪرڻو آھي، جيڪو ارڙهين يا ان مٿي گريڊ جو هجي.