سنڌ بئراج پراجيڪٽ اڇو هاٿي:7 ارب جي واڌو چٽي: سيڪيورٽي لاءِ سوا 21 ڪروڙ منظور    

سنڌ بئراج پراجيڪٽ اڇو هاٿي:7 ارب جي واڌو چٽي: سيڪيورٽي لاءِ سوا 21 ڪروڙ منظور    

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ بئراجز امپروومينٽ پراجيڪٽ هيٺ بئراجن وارين رٿائن لاءِ مقرر بجيٽ کان مٿي رقمون ڏيڻ وارو سلسلو جاري رکندي سکر بئراج لاءِ سيڪيورٽي جي نالي ۾ ٻيو ويريئشن آرڊر نمبر 11 ڪڍيو ويو آهي، جنهن لاءِ 21 ڪروڙ 29 لک 13 هزار 128 رپيا واڌو رقم رکي وئي آهي، جنهن بعد   سکر بيراج جي هلندڙ ڪم جي بجيٽ 23 ارب 43 ڪروڙ 69 لک 86 هزار 609 رپين تي پهچي ويندي. ياد رهي ته ٽينڊر موجب رٿا جي بجيٽ 17 ارب 7 ڪروڙ 7 لک 72 هزار 991 هئي، جيڪا  ٻن مهيني دوران مختلف ويريشن آرڊر وسيلي وڌائي 23 ارب 22 ڪروڙ 40 لک 73481 رپين تي پهچائي وئي. ويريئشن آرڊر يارهين بعد اها رقم 23 ارب 43 ڪروڙ 69 لک 86609 رپين تي پهچي وئي آهي.  ويريئشن آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايس ايس پي سکر 24 جنوري 2025ع تي خط لکي ڄاڻايو آهي ته سکر بيراج تي هلندڙ ڪم سبب سيڪيورٽي جو ڪمزوريون نظر آيون آهن، خطرا به نظر پيا اچن، انهي ڪري ضروري قدم کڻڻ گهرجن. 23 جولاءِ 2025ع تي هڪ ٻي سيڪيورٽي ميٽنگ ڊي سي سکر جي صدارت ٿي جنهن ۾ حفاظتي انتظام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان تحت ويريشن آرڊر وسيلي سيڪيورٽي مد ۾ 21 ڪروڙ 29 لک 13 هزار 128 مقرر ڪيا ويا، ياد رهي ته آگسٽ ۾ به ويريئشن آرڊر پنجين ۾ سيڪيورٽي جي مد ۾ 27 ڪروڙ، 49 لک ست هزار 388 رپيا رقم رکي وئي هئي. هوڏانهن گڊو بيراج تي هلندڙ ڪم بابت ويريئشن آرڊر 18 تحت وڌيڪ 25 ڪروڙ 31 لک 56058 رپيا گهريا ويا آهن. ايئن گڊو بيراج جي لاڳت ۾ 2.6411 سيڪڙو واڌارو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ٻنهي بيراجن جي دروازن جي تبديلي واري ڪم ۾ ٽينڊر واري رقم کان لڳ ڀڳ ست ارب رپيا رقم ويرييشن آرڊرن وسيلي وڌائي وئي آهي. 
 

ڪي بي فيڊر جي مرمت دوران 3 مادرعلمين جو پاڻي بند نه ٿيڻ کپي: آبپاشي وزير   
 

ڪراچي :  سنڌ جي رٿابندي ۽ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو جي صدات هيٺ آبپاشي کاتي جي ترقياتي رٿائن بابت ٿيل اجلاس ۾ ڪي فور منصوبي، سي سي لائننگ ۽ سنڌ بيراج امپروومينٽ پراجيڪٽ فيز ٽو تي ٿيل اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، صوبائي وزير آفيسرن کي هدايت ڪئي ته بدين ريجن ۾ سي سي لائننگ منصوبي جي رفتار تيز ڪري 30 جون تائين مڪمل ڪيو وڃي۔ اجلاس دوران ڪي بي فيڊر کي پڪو ڪرڻ لاءِ بند ڪرڻ  سبب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، لمس ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ پاڻي کوٽ ٿيڻ بابت به بريفنگ ڏني وئي۔ آبپاشي سيڪريٽري اجلاس کي چيو ته سکر بئراج وٽ ڪافر ڊيم جي تعمير مڪمل ٿي چڪي آهي  گيٽن جي تبديلي جو عمل جاري آهي، جڏهن ته مختلف آر ڊي جي منصوبن جي لائيننگ مڪمل ٿي چڪي آهي ، ڪجهه آر ڊي جي لائيننگ 20 ڊسمبر 2025 کان شروع ٿي 10 جنوري 2026 تي مڪمل ڪئي ويندي۔ صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته سال 2024-25 جي ڪلوزنگ دوران پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، لمس ۽ مهراڻ يونيورسٽي کي شديد تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، جيڪو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي۔ هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ٽنهي پيڪيجز جي شيڊيول تي نظرثاني ڪري هڪ اهڙو جامع پلان ٺاهيو وڃي جنهن سان يونيورسٽين ۽ آس پاس جي علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر نه ٿئي.
 

فنانس مينيجر واري پوسٽ خالي: سيڊا جي جي ايم نعيم ميمڻ چيڪ جاري ڪيا!
 

سکر: سنڌ بيراجز پراجيڪٽ ۾ فنانس مينجر واري پوسٽ اڃا تائين خالي هجڻ ڪري سيڊا جي جنرل مينيجر (فنانس) نعيم ميمڻ وسيلي چيڪ جاري ڪرايا ويا، جنهن کي 18 جولاء 2025ع تي 90 ڏينهن لاءِ  چارج ڏئي مقرر ڪيو ويو هو،  سندس مدو آڪٽوبر ۾ پورو ٿي ويو آهي. گذريل مهيني ايس بي آءِ پي پاران نئين فنانس مينجر جي مقرري لاء انٽرويو به ٿيا هئا پر نئين فنانس مينيجر جي مقرري نه ٿي سگهي آھي.
 

سکر بئراج جو ڪم مڪمل ڪرڻ جي تاريخ 22 فيبروري2027ع تائين وڌائي وئي
 

سکر: يارهين ويريشن آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سکر بيراج جو ڪم مڪمل ڪرڻ جي تاريخ وڌائي 22 فيبروري 2027ع ڪئي وئي آهي. اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته انهي مدي دوران سمورا ڪم مڪمل ڪيا ويندا.