سنڌ بابت اسٽيبلشمينٽ جي ايجنڊا … ڄام محمد اقبال انڙ

                 ڪلھ جي خوشحال، خودمختيار سنڌ، اڄ جن مشڪل ترين مرحلن ۽ مصيبتن مان گذري رهي آھي، تنهن جو وڏو سبب، اسان جو پنهنجن دورانديش نگاه رکندڙ ڏاهن جي ڏس تي عمل نه ڪرڻ جو نتيجو آھي. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آھي ته، سياستدان جي سوچ سالن جو سفر ڪندي آھي ۽ شاعر ۽ دانشور جي دور انديش نگاہ صدين جو سفر ڪندي آھي. شهيد عبدالرحيم گرهوڙي، نه رڳو اوليا۽ الله هو، پر هو پنهنجي دؤر جو وڏو عالم ۽ شاعر به هو. تنهن اڄ کان ٻه، اڍائي صديون اڳ سنڌ کي ڪابل، قندار مان جوکو هجڻ بابت اسان کي آگاھ ڪيو هو. فطرت جي فيصلي ۽ قدرت جي قانون موجب، هر عمل لا۽ اهڙا اسباب پيدا ٿيندا آھن، جيڪي اڳتي هلي حقيقت جي صورت اختيار ڪندا آھن.

                 اڄ کان 30-32 سال اڳ جي ڳالھ آھي ته، سائين آريسر صاحب ٻڌايو هو، ته اسان  متحده وارن سان ٽن نقطن 1. اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جو حصو 2. سنڌ جي معدني وسيلن تي سنڌ جي مالڪي 3. 91ع  پاڻي ٺاھ تي عمل ڪرائڻ لا۽ گڏيل جدوجهد تي انضمام ۽ اتفاق ڪيو هو، ان سلسلي ۾، تفصيلي ڳالهين ۽ بحث بعد، جڏھن اسان آخر صحين ڪرڻ واري مرحلي تي پهتاسين ته، متحده جو هڪ سنجيده اڳواڻ اٿي بيٺو ۽ چيائين ته، “اسان هجرت ڪري آيل اردو آباديءَ وارن مان، ڪنهن هڪ جي به اندرين سنڌ ۾ هڪ ايڪڙ به زرعي زمين ناهي پو۽ اسان ڇو پاڻي مسئلي تي پنجاب سان ڦٽايون؟ ها باقي اوهان بهارين کي هتي آباد ڪرڻ لا۽، اسان جو ساٿ ڏيو، ته پو۽ اسان پاڻي معاملي تي توهان جو ساٿ ڏيڻ لا۽ تيار آھيون”. هن وڌيڪ چيو ھو ته، “هن وقت ڪراچي، دنيا جي چند، معاشي تيز ترقي ڪندڙ شهرن مان هڪ شهر آھي، هتي روز، بروز معاشي ترقي جا وسيلا وڌي رهيا آھن. هن وقت به ڪراچي ۾ 5 کان 7 لک ماڻھو آباد ٿي سگهن ٿا ۽ انهن کي هتي پاڻي، زمين، کاڌ ۽ خوراڪ به آساني سان ملي سگهي ٿو، توهان مهرباني ڪري، يا ته هتي ڪراچي ۾ ٻھراڙيءَ جي سنڌين کي آباد ڪريو، يا ته اسان کي هتي بهارين کي آباد ڪرڻ لا۽ سنڌين کي راضي ڪري ڏيو ۽ جيڪڏھن ائين نه ٿيو ته، اها 5 کان 7 لک ماڻھن جي گنجائش، اسٽيبلشمينٽ، افغاني پٺاڻن سان ڀري ڇڏيندي … ۽ اسان انهن سمورن خدشن ۽ مستقبل قريب ۾ ٿيندڙ ھاڃن کان دنيا جي مڃيل سياستدان محترمه بينظير ڀٽو کي به آگاھ ڪيو هو، ته هن نه رڳو  اسان جي انهن سمورن خدشن کي مڃيو هو پر اتفاق به ڪيو هو، ۽ اسان اڄ اهو اعتراف ٿا ڪريون ته، اسٽيبلشمينٽ اسان کي مذهب ۽ ٻوليءَ جي بنياد تي ايترو ته استعمال ڪيو ھو جو، اسان سنڌ ۽ سنڌين جون سڀ محبتون، عزتون ۽ احسان وساري،  وحشت ۽ دهشت جون سڀئي حدون ڪراس ڪري ڇڏيون هيون، اسان جي ان عمل جو اڄ نتيجو اهو نڪتو آھي جو، اڄ اسان جيڪڏھن خانه ڪعبه ۾ بيھي به سنڌين کي، سنڌي سڄڻ ھجڻ/ بڻجڻ جي خاطري ڪرايون ته به سنڌ جا ماڻھو اسان تي اعتبار، اعتماد نه ڪندا”.

سائين آريسر صاحب ٻڌايو ته، “مون انهن کي چيو ته، اڄ جنهن جا۽ ۽ ڪاروبار تي توهان بالم بڻيا ويٺا آھيو، ان جا۽/ ڪاروبار تي ڪلھ سنڏي هندو ويٺل هو، سنڌ جو وڏيرو، جاگيردار، مير، پير، انهن سنڌي هندن کان ڪچو مال  وٺي، 6، 12 مهينا، پاڻ ۽ هاري، مٿا ڪٽ ڪري، ان ڪچي مال مان پڪل مال بڻائي ۽ کڻي اچي انهن سنڌي هندو سيٺين کي ڏيندا هئا. جيڪڏھن توهان پاڻي معاملي تي اسان جو ساٿ نه ڏنو ته، نه سنڌ جي زرعي معشيت رهندي ۽ نه وري اوهان کان ڪو ڪچو مال خريد ڪري، پڪو مال آڻي ڏيندو. پاڻي ته اسان ۽ توهان ٻنهي جي معشيت، ڪاروبار ۽ جيئاپي تي هڪ جيترو اثر ۽ اهميت رکي ٿو ۽ توهان جيڪا هتي بهاري آباد ڪرڻ، يا ٻھراڙي جا سنڏي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرڻ واري  ڳالھ ڪئي آھي، يا جن خدشن جو اظھار ڪيو آھي، اهي بلڪل درست آھن، پر اسٽيبلشمينٽ ۽ سول بيوروڪريسي، پنهنجي چالاڪيءَ واري حڪمت عمليءَ تحت، ڪجھ قومي تحريڪ مان ٽوڙ، ڦوڙ ڪري، ڪجھ ميرن، پيرن، جاگيردارن، وڏيرن، ڪجھ حادثاتي سياستدانن کي پٽڪو ٻڌائي ۽ ڪجھ سرڪاري/ درٻاري اديبن، دانشورن ۽ شاعرن کي اقتدار، اختيار، ٺيڪن، پرمٽن ۽ علمي، ادبي ادارن جي چڱ مڙسي جا آسرا، واعدا ڏئي، جيڪا بهارين ۽ هجرت ڪري آيل اردو آباديءَ خلاف سنڌ ۾  پروپيگنڊا ۽ نفرت پکيڙائي آھي، ان بعد، ڪو به سنڌي سياستدان، دانشور، اديب، چاهيندي به بهاري آباد ڪرڻ جي حمايت ۾  ھڪ لفظ به نه ٿو ڳالهائي سگهي …. ۽ مونکي به هڪڙي انٽيليجنس اداري جي سنڌ سڄڻ دوست، ٻڌايو هو ته، اسٽيبلشمينٽ نه رڳو سنڌ جي اهم شهرن ۾ افغاني پٺاڻ آباد ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آھي پر هنن اندرين سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي هندن کي ننڍن، وڏن مسئلن/ مشڪلاتن جي ور چاڙھڻ ۽ تنگ ڪرڻ لا۽ به ڪجھ لوفرن ۽ ڀتا خور نوجوانن کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي ۽ جيڪي روز بروز مختلف طور طريقن سان ڌرتي ڌڻين سنڌي هندن کي تنگ ڪري، سنڌ ڇڏي،  هند ڀڄڻ تي مجبور ڪري رهيا آھن”.

مٿي ڄاڻايل خدشن، خيالن ۽ انديشن کي مدنظر رکندي، اڄ جي سنڌ ۾ ڏٺو وڃي ته، نه رڳو سنڌ جي تاريخي، تهذيبي، ثقافتي ۽ معاشي مرڪز سمجهيو ويندڙ سنڌ جي شھرن ۾ ڌارين جو هڪڙو وڏو تعداد هن  وقت ڊوميسائيل، پي آر سيز ۽ قومي شناختي ڪارڊ ٺھرائي باقاعدي آباد ٿي ويو آھي، پر سنڌ جي ننڍن، وڏن شهرن عمرڪوٽ، ڊگهڙي، ڪنري مٺي، ننگرپارڪر، ڇاڇري ۽ ڏيپلي تائين به، ڌارين جو هڪ وڏو تعداد،  مختلف ڪاروبار کولي آباد ٿي چڪو آھي. آئون هن ننڍڙي ليک ذريعي سموري سنڌ جي ساڃاھ وندن کي ادب جا هٿ ٻڌي وينتي ٿو ڪريان ته، اچو ته ڌارين جي آبادڪاريءَ آڏو بند ٻڌڻ  لا۽ گڏيل جدوجهد ڪريون. اها به هڪ حقيقت آھي ته، قوم ۽ ڌرتيءَ جي سونهن سلامتي، ۽ با وقار جيئاپي لا۽ نه رڳو وڏن شهرن تي نظر رکجي پر پنهنجن ڍنڍن، ڊورن، وارياسي رڻ پٽن، پهاڙن، پيڇرن ۽ ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي حفاظت ۽ تحفظ تي به نظر رکڻ گهرجي. هڪڙو فارسيءَ جو قول آھي ته، “تون چوندڙ ڏانهن نه ڏس، پر ان تي ضرور سوچ ته هو ڇا چئي رهيو آھي“.