سنڌ بار پاران اڄ “سنڌ يونٽي ڊي” ملهائڻ ۽ عدالتي ڪاررواين  جي بائڪاٽ جو اعلان

سنڌ بار پاران اڄ “سنڌ يونٽي ڊي” ملهائڻ ۽ عدالتي ڪاررواين  جي بائڪاٽ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ بار ڪائونسل اڄ 10 سيپٽمبر تي ”سنڌ يونٽي ڊي“ ( سنڌ ايڪتا ڏهاڙو) ملهائڻ ۽ عدالتي ڪاررواين  جي بائڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ بار جي  وائيس چئيرمين اشتياق ميمڻ چيو ته سنڌ بار ڪائونسل ۽ صوبي جي 52 بار ايسوسيئيشنز سنڌ جي ورهاڱي خلاف اڄ ”سنڌ يونٽي ڊي“ ملهائڻ ۽ عدالتن جي ڪارروائي جي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي،  هن سياسي قيادت کي”سنڌ يونٽي ڊي“ ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف وڪيل برادري پنهنجي موقف تي قائم آهي، هن  چيو ته سنڌ کي انتظامي يونٽن يا نون صوبن ۾ ورهائڻ کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.هن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف 19 سيپٽمبر تي ڪراچي بار ۽ پهرين آڪٽوبر تي حيدرآباد بار پاران آل سنڌ لائرز ڪنوينشن ٿيندا