| سنڌ بجيٽ منظور: مختلف شعبن تي ايس ايس ٽي لاڳو: متحده وارا سنڌ کي پنهنجو ڪن، ٻاهر نڪرندا ته خبر پوندن: مراد شاهه |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ نئين مالي سال جي 35 کرب 62 ارب روپين جي بجيٽ منظور ڪري ورتي، مالي سال 2025-26 جي 165 ارب روپين جي ضمني بجيٽ سميت نئين مالي سال دوران مختلف شعبن تي ٽيڪس لڳائڻ وارو مالياتي بل به منظور ڪيو ويو. اپوزيشن جون ڪٽوتي جون رٿون رد،ڪالهوڪي اجلاس ۾ سنڌ جي نئين مالي سال جي 35 کرب 62 ارب رپين جي بجيٽ منظور ڪئي وئي. اجلاس ۾ مالياتي بل به منظور ڪيو ويو. بل منظور ٿيڻ کانپوءِ مختلف شعبن تي ايس ايس ٽي لاڳو ٿي ويو ، مالياتي بل ذريعي ساليانو 5 لک رپين کان وڌيڪ في شاگرد في وصول ڪندڙ اسڪولن تي 3 سيڪڙو سيلز ٽيڪس، ريئل اسٽيٽ ۽ زرعي آمدني تي سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. بل تحت ڊولپمينٽ ليوِي (ٽيڪس) 100 رپيا في چورس وال (زمين لاءِ) ۽ 50 رپيا في چورس فوٽ (تعميراتي ايريا لاءِ) مقرر ڪئي وئي آهي. خدمتن جي شعبي ۾ ٻيو به تبديليون ڪيون ويون آهن. ريڊي مڪس ڪانڪريٽ، قانوني خدمتن، ٽيڪس ڪنسلٽنسي، انسالوينسي مئنيجمينٽ خدمتن تي 8 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو. اهڙي طرح انشورنس ايجنٽن ۽ بروڪرن تي 2 کان 3 سيڪڙو ٽئڪس لاڳو ڪيو ويو. فصلن جي انشورنس ۽ برآمدات سان لاڳاپيل ميرين انشورنس لاءِ ري-انشورنس خدمتن کي ٽيڪس کان مڪمل ڇوٽ هوندي ته جيئن واپار ۽ زراعت جي شعبي کي هٿي ملي سگهي. سنڌ ايگريڪلچرل انڪم ٽيڪس ايڪٽ 2025ع ۾ ترميم ڪندي حڪومت سالياني زرعي آمدنيءَ ۾ 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪمائيندڙ وڏن زميندارن تي 8 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. بل ۾ ڊفالٽ (ٽيڪس نه ڀرڻ) جو ڏنڊ 1000 رپين مان گھٽائي 100 رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پهرين غلطي تي رجسٽرڊ زميندار جي ڏنڊ کي معاف ڪرڻ واري نرمي به شامل ڪئي وئي آهي. ايجوڪيشنل اسپورٽس سروسز تي 5 سيڪڙو ايس ايس ٽي لاڳو ڪيو ويو. خوراڪ جي شين تي ٽيڪس جي ڇوٽ کي محدود ڪري صرف پروسيس نه ٿيندڙ ٿيل اناج، تازين ڀاڄين ۽ ميون جي اسٽوريج ۽ گدامن تي سيلز ٽيڪس معاف ڪيو ويو آهي، جڏهن ته کاڌي جي ٻين شين تي 15 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو هوندو، لائيف انشورنس ۽ هيلٿ انشورنس ته 15 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿي ويو، انهن تي ڏنل رعايت ختم ڪئي وئي آهي. پراپرٽي ڊولپرز ۽ پروموشن ڪندڙن کي هاڻي زمين جي ڪل پکيڙ جي حساب سان فڪسڊ ٽيڪس نظام کي منهن ڏيڻو پوندو. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ بجيٽ جو هيل تائين خسارو 344 ارب رپيا آهي، وفاق کان اڃا 176 ارب رپيا اچڻا آهن. صوبي 344 ارب رپين جي بجيٽ خساري، وفاقي مالي گنجائش ۾ گهٽتائي باوجود مالي نظم و ضبط برقرار رکيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت تقريبن 100 وڏا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا، سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪڻڪ ۾ پاڻ ڀرا ٿيا آهيون، هن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ڪيٽي بندر کي هڪ وڏي معاشي ۽ لاجسٽڪس مرڪز طور ترقي ڏيڻ، سڄي صوبي ۾ گرين انرجي نيٽ ورڪ تشڪيل ڏيڻ ۽ ننڍن هارين کي بااختيار بڻائڻ لاءِ زرعي مالياتي نظام متعارف ڪرائڻ جي منصوبن جو اعلان ڪيو. وڏي وزير چيو ته ترقياتي بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ 206 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته صوبي ۾ 1800 ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعليٰ موجب ٻوڏ متاثر خاندانن لاءِ هينئر تائين 10 لک گهر مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ 6 لک گهر تعمير هيٺ آهن. وفاق ۾ سنڌ جي ڪردار کي وڌيڪ مڃائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وزيراعليٰ چيو ته سنڌ حڪومت قومي استحڪام جي حمايت جاري رکندي پر صوبي جي آئيني، مالي ۽ ترقياتي حقن جو ڀرپور دفاع به ڪندي. گذريل اڍائي مهينن دوران عالمي بئنڪ سنڌ لاءِ تقريبن 1.7 ارب ڊالرز ماليت جي منصوبن جي منظوري ڏني آهي. سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن پاران اٿاريل سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح جا سنڌ سان گهرا تاريخي ۽ خانداني رابطا هئا. سندس خاندان بهتر موقعن جي ڳولا ۾ ڪراچي اچي آباد ٿيو هو، هن پنهنجي شروعاتي تعليم جو هڪ حصو سنڌ مدرسته الاسلام مان حاصل ڪيو. قيامِ پاڪستان کانپوءِ سنڌ برصغير جي مختلف علائقن مان ايندڙ مهاجرن کي ڀليڪار چيو ۽ اڄ به هي صوبو شموليت ۽ گڏجي رهڻ جي قدرن جي نمائندگي ڪري ٿو. هن سياسي اڳواڻن تي زور ڀريو ته اهي ٻڌي کي نقصان رسائيندڙ سياست کان پاسو ڪن ۽ قومي اتحاد کي مضبوط بڻائڻ سان گڏ سڀني طبقن جي جذبن جو احترام ڪن. مراد علي شاهه وفاقي مالي منتقلي ۽ صوبائي ماليات بابت دعوائن کي به چيلينج ڪندي چيو ته مخالف ڌر جي هڪ ميمبر شروعات ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته سنڌ کي 71 کرب رپيا مليا پر پوءِ هن پاڻ اعتراف ڪيو ته اهي انگ اکر ڄاڻي واڻي وڌائي پيش ڪيا ويا هئا. هن ان دعويٰ کي رد ڪيو ته معياري طبي سهولتون صرف ڪراچي تائين محدود آهن. هن گمبٽ ۽ سکر جي اسپتالن ۾ علاج بابت انگ اکر پيش ڪيا وزيراعليٰ چيو ته صوبي ۾ 500 ارب ڊالرز ماليت جا گرينائيٽ جا ذخيرا موجود آهن، انهي وسيع صلاحيت مان اڃا تائين مڪمل طور فائدو ناهي ورتو ويو. هن چيو ته ٿر جي مقامي ماڻهن کي ٿرڪول منصوبن مان فائدو ملي رهيو آهي، حڪومت گهرو واهپيدارن جي پهرين 100 يونٽن تائين بجلي جا بل پاڻ ادا ڪري رهي آهي. سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ بابت الزامن جو جواب ڏيندي وزيراعليٰ چيلينج ڪيو ته جيڪڏهن بدعنواني يا ڪميشن وٺڻ جي دعوائن جي حق ۾ ڪو ثبوت موجود آهي ته اهو پيش ڪيو وڃي، ڀرپور ڪارروائي ڪندس. مراد علي شاهه سنڌ جي سهڪار سان ٻين صوبن ۾ هلندڙ منصوبن جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ پروگرام ذريعي سنڌ حڪومت بلوچستان جي ضلعي صحبت پور ۾ رهائشي منصوبا تعمير ڪري رهي آهي، جڏهن ته ايس آءِ يو ٽي طرز جون اسپتالون رحيم يار خان، ڪوٽ ادو، گجر خان ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ قائم ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ملتان ۾ هڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ به قائم ڪيو پيو وڃي. هن ان دعويٰ کي رد ڪيو ته صوبائي حڪومت 40 ارب رپين جو رمضان پيڪيج ورهايو هو. هن واضح ڪيو ته اهڙو ڪو پروگرام شروع ئي نه ڪيو ويو هو، تنهنڪري ان حوالي سان ڪئي ويندڙ تنقيد بي بنياد آهي. هن چيو ته وفاق گذريل سال واعدو ڪيو ته 2 هزار 95 ارب روپيا ملندا، اڄ تائين 17 سئو 50 ارب روپيا مليا آهن، جون مهيني ۾ ايف بي آر چيو 19 سئو 26 ارب ڏينداسين، اسان جو ڏيڍ سئو ارب روپين جو خسارو ٿي ويو، 176 ارب روپيا اڃا اچڻا آهن، 30 جون تي خبر پوندي ته ڪيترا پئسا اچن ٿا، پريس رليز جاري ڪرائيندس، هن چيو ته وفاق مارچ مهيني کان فنڊز جا مطالبا ڪيا، جون ۾ ڳالهين ٿيون ته چيو ويو اين ايف سي ۾ ڪٽوتي ڪريو، ٻيا صوبا اٽڪل راضي ٿي ويا، رڳو سنڌ حڪومت اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪٽوتي کان نڪار ڪندي آئيني حل ڏنو، اُنهي حل تي صوبن ۽ وفاق کي راضي ڪيو، سنڌ سرڪار وفاق لاءِ قومي اسٽيريٽيجڪ گهرج تحت 260 ارب روپيا رکيا آهن. متحده ميمبرز جي تقريرن جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن توهان آيا ته رڳو سنڌ ئي جاءِ ڏني، ٻئي هنڌ توهان کي قبول نه ڪيو ويو، هاڻي گهڻو ٿي ويو، سنڌ کي پنهنجو ڪريو، سردار شاهه کوڙ ڀيرا هٿ ملايو پر توهان واپس ڪري ڇڏيو ۽ چيو هٿ نه ملائينداسين، سنڌ اسيمبلي ۾ کوڙ ميمبرز کي موقعو مليو آهي، شڪر ڪريو جو پنجاب يا ڪنهن ٻئي هنڌ نه آهيو، ٿورو سنڌ کان ٻاهر نڪري ڏسو ته خبر پئجي ويندي……
سنڌ ۾ ڪرپشن بنا ڪم نٿا ٿين، ڪامورا ڪميشن کي حق سمجهن ٿا: خورشيدي
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾مخالف ڌُر جي اڳواڻ علي خورشيدي سنڌ حڪومت تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو آهي ته بجيٽ کي حڪومتي دعوائن ۽ اعلانن جو نالو ڏنو ويندو آهي. اسان جي ووٽرن جي اڪثريت وچولي يا هيٺين طبقي سان تعلق رکي ٿي. ڇا سنڌ بجيٽ قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن سان مطابقت رکي ٿي يا نه؟ اها بجيٽ عام ماڻهوءَ جي زندگي تي ڪهڙا اثر وجهندي؟ ڇا هي بجيٽ مزدور، هاري، ماءُ ۽ ڀيڻ جي اميدن تي پوري لهي ٿي؟ هي بجيٽ سنڌ جي عوام جي اعتماد کي خساري ۾ وٺي وڃي رهي آهي. خزانا خالي هجن ته ڪا ڳالهه ناهي. پر حڪومتي بصيرت ( سمجهه ) خالي نه هئڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪومتي ميمبر انهي بجيٽ کي ڪامياب بجيٽ سمجهن ٿا ته پوءِ ناڪام ۽ خراب بجيٽ ڪهڙي هوندي؟ هن چيو ته اسان سُٺي شيءَ جي تعريف به ڪريون ٿا، سردار شاھ جا 2 سٺا عمل هئا جن جي اسيمبلي فلور تي 2 ڀيرا تعريف ڪئي پر خراب حڪمراني نظر ايندي ته ان تي تنقيد به ڪنداسين. ڪالهه ايوان ۾ بجيٽ تي ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ چيئرمين قومي اسيمبلي ۾ منهنجي پارٽي بابت ڳالھايو. ارسا، گيس جي زيادتي، بجلي ڪمپنين بابت به ذڪر ڪيو، ڳوٺن ۾ 2/2 ڏينهن بجلي ناهي هوندي. آئون انهي سان متفق آهيان . هن چيو ته حيدرآباد _سکر ۽ ڪراچي حيدرآباد موٽر وي نه ٺهڻ زيادتي آهي ، قائم علي شاھ به چيو ايم ڪيو ايم جا وزير طاقتور آهن، انهي جو مطلب پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت وٽ لالي پاپ تي ويٺل آهي. هن چيو ته اسان سنڌ جي معاملن تي وڙهنداسين. اسان کان وفاق مان استعيفائن جي گھُر ڪندڙ پهريان صدر، چيئرمين سينيٽ، 2 گورنرن ۽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جون استعيفائون کڻي اچن. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي انهي مامري تي سنڌ حڪومت جي مزا وٺندڙ وزيرن کي به استيعفا ڏيڻ گھرجي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومتي بينچن تي پويان ويٺل ۽ اڳتي ويٺلن ۾ فرق آهي. وزيرن سٺو ڳالهايو. اهي حالتون رهيون ته پوئتي ويٺل پوئتي ئي رهجي ويندا. هن چيو ته ڪافي ميمبرن جيڪو ڳالهايو، اهو غير اهم هو پر انهن جا نالا وٺي کين مشهور ڪرڻ نٿو چاهيان. هن چيو ته سعيد غني هارس ٽريڊنگ کي ڳالهين جو نالو ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سپليمينٽري بجيٽ ۾ ٻه ٻه سئو ارب ؟ هي ڇا آهي. ملتان ۾ آءِ ٽي پارڪ تي سنڌ حڪومت پئسا لڳايا، ڇا اها صوبائي خودمختاري تي حملو ناهي ؟ ڇا ملتان جي هڪ فيملي کي سياسي رشوت ڏني وئي آهي؟ سنڌ جي عوام جو پئسو پنجاب ۾ خرچ ڪيو ويو. ڇا سنڌ ۾ ترقي کان رهجي ويل ڪا جڳهه ناهي بچي؟ ڇا پنجاب جي وڏي وزير سنڌ تي خرچ ڪيو آهي؟ ملتان ۾ گيلاني، مخدوم ۽ ٽيون انب آهي؟ انب جي موسم آهي. هن چيو ته سنڌ وفاقي حڪومت کان مليل 15 ارب روڪي ويٺل آهي، هنن جي جمهوريت چيڪ ڪريو، الڳ پيمانا درست ڪريو. هتي ته هرڪنهن جي خواهش آهي وڏو وزير ٿئي. سنڌ جا نمبر خطرناڪ آهن، پريشاني اها آهي ته اڳتي ترقي ڪيئن ٿي سگهندي. 2029 ۾ ڇا ٿيندو؟ انهي جي ڪنهن کي ڪا پريشاني آهي يا نه؟ هن چيو ته سنڌ کي وفاق 75 سيڪڙو فنڊ ملن ٿا، انهي جو مطلب سنڌ حڪومت جي آمدني رڳو 25 سيڪڙو آهي. هن چيو ته اوهان اين ايف سي جي ڳالهه ڪريو ٿا، پي ايف سي 2007 کانپوءِ ناهي مليو. ائين ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ سرڪاري بابو اسڪولن لاءِ رکيل فنڊن جي استعمال ۾ رڪاوٽ آهي، مخصوص وينڊر کان خريداري جي شرط کانسواءِ 18 سيڪڙو ڪميشن ورتي وڃي ٿي . ناڻي کاتي ۽ ٽريزري آفيسن جي 10_10 سيڪڙو الڳ الڳ ڪميشن آهي باقي ڇا بچندو ؟ هن چيو ته چيو ٿو وڃي انهن کان گٽر جا ڍڪڻ لڳائڻ بابت به نه پڇيو وڃي؟ پئسا اوهان وٽ هوندا ته پڇاڻو به اوهان کان ئي ڪبو . ڇا ايس آءِ يو ٽي رڳو سنڌ حڪومت جي 9 ارب مان هلي ٿو؟ ، اوهان سنڌ جون سول اسپتالون ڏسي وٺو. حيدرآباد جي سول اسپتال ويس، حالت ڏسي الٽي آئي . 9236 ملين لاڳت واري لاڙڪاڻي جي 600 بيڊن واري اسپتال بنا سيپرا قاعدن جي ٺاهي پئي وڃي، جنهن شهر ۾ شهيد دفن آهي، اتي 18 سالن ۾ اسپتال پئي ٺهي. اهو ڪهڙو انوکو ماڻهو هو جنهن کي 20 هزار اسڪوائر فوٽن جو 9 ارب جو ڪم ڏنو ويو. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن بنا ڪم نٿو ٿئي، ڪامورا ڪميشن کي حق سمجهن ٿا، 2018 ۾ نئون ايم پي اي ٿيس، پاڻي جو ڪم هو، پڇيو ڪيم ته ڇو نه ٿيو؟ جنهن بعد خبر پئي ته 8 آنا ڪميشن رڪاوٽ هئي. سياستدانن جي 5 سيڪڙو ۽ باقي 40 سيڪڙو بابو جي ڪميشن آهي، آخر ڇو؟ سب انجنيئر، ڪلارڪ، ڊي جي، سيڪريٽري ڪميشن وٺن ٿا، اوهان صوبي کي انجي هنڌ تتي پهچايو آهي جو هر پاسي ڪرپشن جي بازار گرم آهي. هن چيو ته وفاق کان 50 سيڪڙو پگهار وڌائڻ جي گهر ڪندڙن پاڻ ڪيتري پگهار وڌائي؟ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. سنڌ جا 11 هزار نوجوان ناڪام ٿين ٿا، جڏهن ته آفيسرن جا ٻار پاس ٿين ٿا. گهٽ ۾ گهٽ ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. سنڌ جو وڏو وزير انهي معاملي تي ايڪشن وٺي. هن اداري ۾ سٺا ماڻهو ويٺل ناهن. علي خورشيدي چيو ته بانيان پاڪستان لاءِ حڪومتي بينچن تان ڏنل بيانن تي حڪومتي ميمبر وڏي دل جو مظاھرو ڪري معافي گھرن.
| مڪاني چونڊ وقت سر ٿيندي، چيئرمينز جو مدو نه وڌندو: ناصر شاهه |
ڪراچي: مڪاني وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪري ڪراچي شهر ترقي نه ڪري سگهيو، هڪ ڏينهن اندر هزارين دهشتگردن کي ادارن اندر ڀرتي ڪيو ويو، غيرقانوني طور زمينون الاٽ ڪيون ويون، ايم ڪيو ايم سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جو تمام گهڻو نقصان ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن پنهنجي وقت تي ٿيندي، چيئرمينز جو مدو نه وڌايو ويندو، مڪاني ترميمي بل تيار آهي، بجيٽ سيشن بعد اسيمبلي ۾ پيش ڪندس
| پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي لاءِ رٿائن جو اعلان |
ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي سهڪار سان ٻين صوبن ۾ هلندڙ منصوبن جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ پروگرام ذريعي سنڌ حڪومت بلوچستان جي ضلعي صحبت پور ۾ رهائشي منصوبا تعمير ڪري رهي آهي، جڏهن ته ايس آءِ يو ٽي طرز جون اسپتالون رحيم يار خان، ڪوٽ ادو، گجر خان ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ قائم ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ملتان ۾ هڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ به قائم ڪيو پيو وڃي.
| پ پ مهرن، جکراڻين، بجاراڻين بنا کٽي ڏيکاري: خورشيدي |
ڪراچي: ڪشمور مان بجاراڻي، شڪارپور مان شيخ، دراني ۽ مهرن بجاءِ ڪنهن جيالي کي اميدوار بيهاري ۽ کٽرائي ڏيکاريو ته پوءِ پيپلز پارٽي جو ووٽ بينڪ سمجھيو ويندو. اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي پنهنجي خطاب دوران پيپلز پارٽي کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا توهان گھوٽڪي مان مهرن بنا اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي سگھو ٿا؟ ڪشمور مان بجاراڻين بجاءِ به اليڪشن کٽي سگھو ٿا؟ جيڪڏهن اهي ماڻهو آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهن ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ اڪثريت ختم ٿي ويندي.
| ٿرڪول جا پئسا وفاق وٽ وڃن ٿا، ڏاڍا آهن، ڇا چوان؟ قائم علي شاهه |
ڪراچي: اڳوڻي وڏي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي سينيئر ميمبر سيد قائم علي شاھ چيو ته بجيٽ تيار ڪرڻ آسان ڪم ناهي. بجيٽ جي تياري لاءِ حڪومت ٽي کان چار مهينا مسلسل ڪم ڪندي آهي. ڏکين حالتن ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪرڻ وڏو چئلينج هوندو آهي. هن چيو ته صوبن کي نئين اين ايف سي ايوارڊ جي ضرورت آهي. ڪيترائي صوبائي کاتا اڃا تائين وفاق وٽ آهن.. هن چيو ته مخالف ميمبرن ايڏيون رڙيون پي ڪيون، مون کي خوف هو ته ڪٿي بلڊنگ ۾ ڏار نه پئجي وڃن. ا اپوزيشن جماعتن کي مخاطب ٿيندي قائم علي شاھ چيو ته نخرا نه ڪريو، اسان سڀ هتي شهيد ڀٽو جي ٺاهيل آئين جي ڪري ويٺا آهيون. هن چيو ته ٿر ڪول منصوبو شروع ڪرڻ وقت سنڌ سرڪار تي سخت تنقيد ٿي. ٿرڪول جو سمورو پيسو مرڪزي پول ۾ وڃي ٿو، ڏاڍا مڙس آهن، آئون ڇا چوان؟ وري تڪراري ڳالهه ٿي ويندي.