ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل منظور قادر ڪاڪا کي گرفتار ڪيو ويو آهي
عدالت منظور قادر ڪاڪا جي پڪي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ اينٽي ڪرپشن پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو
صوبائي اينٽي ڪرپشن عدالت منظور قادر ڪاڪا ۽ ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت رد ڪري جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو
عدالتي فيصلي بعد جوابدارن عدالت مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر اھلڪارن ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي گرفتار ڪري ورتو
ان کان اڳ اسپيشل جج صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ نسلا ٽاور جي زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جو اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل منظور قادر ڪاڪا عدالت ۾ پيش ٿيو
عدالت ايس بي سي اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل جي پڪي ضمانت منظور ڪرڻ بابت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان فيصلو محفوظ ڪيو
منظور ڪاڪا جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان منظور ڪاڪا جي حفاظتي ضمانت منظور ٿيل آهي اڳ ۾ ھن عدالت به عبوري ضمانت منظور ڪئي آهي
جاچ آفيسر ۽ سرڪاري وڪيل شرف الدين چيو ته اڳوڻي ڊي جي منظور قادر ڪاڪا نسلا ٽاور جو غيرقانوني نقشو پاس ڪيو آهي، جنھن ڪري سندس ضمانت واري درخواست منظور نه ڪئي وڃي
منظور قادر ڪاڪا ۽ ٻين جوابدارن تي نسلا ٽاور جي زمين 700 گز مان وڌائڻ جو الزام آهي، جوابدارن تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان سرڪاري زمين جو غيرقانوني نقشو پاس ڪرڻ جو الزام آهي
سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور جي غير قانوني اڏاوت خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو ، نسلا ٽاور کي 2022 ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي غيرقانوني قرار ڏئي ڊاهيو ويو ھو