| سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيس تي ڇاپو: رڪارڊ هٿ |
ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا) اينٽي ڪرپشن کاتي جي ٽيم سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) سينٽرل ضلعي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اهم دستاويز قبضي ۾ ورتا ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن کاتي کي غيرقانوني بلڊنگن ۽ شادي هالن جي تعمير بابت 150 کان وڌيڪ شڪايتون مليون هيون، جنهن بعد اهڙي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي. ڇاپي دوران ايس بي سي اي سينٽرل جي ڊائريڪٽر جعفر امام ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ريحان قائمخاني جي آفيسن جي به جاچ ڪئي وئي،