ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اظهر خان جي قتل جو انڪشاف ٿيو آهي
ايڌي فائونڊيشن سهراب ڳوٺ جي سرد خاني ۾ رکرايل لاش جي سڃاڻپ اظهر خان طور ٿي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته اظهر خان جو لاش سندس ساليءَ جي مڙس مهتاب رکرايو هو، پوليس موجب اظهر جو پنهنجي سالي عافيا ۽ سندس مڙس مهتاب سان جهيڙو ٿيو، جهيڙي ۾ زخمي ٿيڻ تي مهتاب اظهر خان کي پهرين سول اسپتال کڻائي آيو، اسپتال ۾ موت جي تصديق بعد هن لاش ايڌي سرد خاني ۾ طاهر جي نالي سان رکرايو، پوليس موجب پوسٽ مارٽم کانپوءِ اظهر خان جي موت جا ڪارڻ معلوم ٿي سگهندا
واقعي جو اطلاع ملندي ئي مقتول جو سالو شهاب پنهنجي ڀيڻ (مقتول جي گهرواري) شازيه جي گهر پهتو ۽ چيو ته پوليس ڪارروائي نه ڪريو، مقتول جي ڀائرن پوليس ڪارروائي روڪرائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته شڪ آهي ته اسان جي ڀاءُ اظهر خان کي قتل ڪيو ويو، وارث ۽ پوليس لاش کڻائي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو