سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي حيدرآباد ۾ ڪرپشن ۽ بد انتظامي، ريجنل ڊائريڪٽرمهيني کان غائب: آباد پاران جاچ جو مطالبو

جُولاءِ 12, 2023

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي حيدرآباد ۾ ڪرپشن ۽ بد انتظامي جو انڪشاف، ريجنل ڊائريڪٽرمهيني کان غائب، آباد جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

رپورٽ مطابق سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي حيدرآباد واري ريجنل آفيس سخت انتظامي بحران جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن سبب ڪم ڪار لاءِ آفيس ۾ ايندڙ ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن

ريجنل آفيس حيدرآباد جا ملازم توڙي آفيسر وقت تي پنهنجي ڊيوٽين تي حاضر نٿا ٿين جڏهن ته مختلف ماڻهن پاران آفيسرن ۽ عملي تي ڪرپشن جا الزام به مڙهيا ويا آهن

حيدرآباد جي ريجنل آفيس جي آفيسرن ۽ عملي تي اختيار نه هلڻ جو جواز ڄاڻائي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل عبدالحميد زرداري رٽائرمينٽ تائين احتجاج طور موڪل جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڏنل درخواست ۾  ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ٽو ڄاڻايو آهي ته هو گريڊ 20هين ۾ مقرر ٿيل آهي ۽ ڪراچي هيڊڪوارٽر کانسواءِ باقي سمورين ريجنز جي انتظامي معاملن جو نگران آهي پر حيدرآباد جي ريجنل آفيس ۾ کيس ڪي به اختيار نٿا هلن

 سندس چوڻ آهي  ته ريجنل ڊائريڪٽر حيدرآباد پنهنجي آفيس ۾ ويهڻ لاءِ تيار نه آهي، ريجنل ڊائريڪٽر جڏهن کان جوائننگ ڪئي آهي تڏهن کان هو پنهنجي آفيس ۾ نه آيو آهي، آفيس مان غير حاضري ۽ نه اچڻ بابت کيس ڪڏهن به ڪا ڄاڻ نه ڏني وئي

هن چيو ته ريجنل ڊائريڪٽر جي لاڳيتو غير حاضري سبب آفيس جو ڪم ڪار انتهائي متاثر ٿي رهيو آهي  اهڙي صورتحال ۾ مان سمجهان ٿو ته اداري کي منهنجي خدمتن جي وڌيڪ ضرورت نه آهي ان ڪري رٽائرمينٽ تائين احتجاجن طور موڪل تي روانو ڪيو وڃي

 ٻئي طرف ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز (آباد) سب ريجن جي وائيس چيئرمين انجنيئر فراز حسين ميمڻ ميئر حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن کي هڪ خط لکي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي حيدرآباد ريجن جي بدانتظامي ۽ ڪرپشن بابت آگاهي ڏئي گهر ڪئي آهي ته ايس بي سي اي حيدرآباد ريجن جي انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن

 هن خط ۾ لکيو آهي ته آباد جي چيئرمين کي ايس بي سي اي حيدرآباد جي ريجنل آفيس جي صورتحال بابت 17 اپريل 2023ع تي هڪ خط لکي آگاهي ڏني وئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته آباد جا ميمبر ۽ عام ماڻهو اٿارٽي جي آفيسرن ۽ عملي جي رويي سبب سخت پريشان آهن

 ان خط جي بنياد تي آباد چيئرمين ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي کي خط لکي آفيسرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي هئي جنهن تي ايس بي سي اي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪجهه ملازمن ممتاز لاشاري، اي ڊي امير زرداري ۽ ٻين کي شوڪاز نوٽيس ته جاري ڪيا پر انهن خلاف وڌيڪ ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي

 6 جون 2023ع تي عبدالرحمان ڀٽي کي حيدرآباد جو ريجنل ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو جنهن 7 جون 2023ع تي پنهنجي جوائننگ ظاهر ڪئي پر هو ساڳئي ڏينهن پنهنجي آفيس مان غير حاضر هو

پنهنجي خط ۾ هن گهر ڪئي آهي ته ايس بي سي اي حيدرآباد جي ريجنل ڊائريڪٽر کي فور طور عهدي تان هٽائي ڪنهن ايماندار ۽ ڊيوٽي جي پابند آفيسر کي ريجنل ڊائريڪٽر مقرر ڪيو وڃي ته جيئن بلڊرن سميت عام ماڻهن جا مسئلا حل ٿي سگهن

Leave A Comment