| سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ اٿل پٿل: ڪيترائي ڪامورا تبديل |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) ۾ گريڊ 17 جي آفيسرن ۽ ملازمن جون بدليون ۽ نيون مقرريون ڪيون ويون آهن، جن جا باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن۔ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي جاري ڪيل حڪمن موجب گريڊ 17 جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالسميع شيخ کي ڊپٽي ڊائريڪٽر اوڀر جناح ون جي چارج سونپي وئي آهي، جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آغا جانگهير کي ايڊمنسٽريشن سيڪشن ۾ رپورٽ ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن۔ سيد عمران رضوي کي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جناح ون مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نواب علي مڱڻيجو کي لاڳاپيل اختيارين وٽ رپورٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔ان کان علاوه، ايس بي سي اي جي بلڊنگ انسپيڪٽر عمير علي دايو کي سينيئر بلڊنگ انسپيڪٽر جناح ون ۽ جناح ٽو اوڀر جي اضافي چارج حوالي ڪئي وئي آهي۔ ٻئي طرف، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ تنيو کان نارٿ ناظم آباد ون ۽ ٿري جي چارج واپس وٺي کيس ايڊمنسٽريشن سيڪشن ۾ رپورٽ ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن، جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زبير مرتضيٰ کان ناظم آباد ون کان ٽو سڪس تائين جي چارج واپس وٺي ايڊمنسٽريشن سيڪشن ۾ رپورٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔