بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽرز سميت آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون

آگسٽ 8, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول جي ڊپٽي ڊائريڪٽرز، اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز ۾ انسپيڪٽرز سميت مختلف آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايس بي سي اي جي آفيسرن جون وڏي پيماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون

حيدرآباد جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد نواز سميجو کي مٽياري جي اضافي چارج حوالي ڪئي وئي، جڏهن ته ممتاز لاشاري کي به ٽنڊو محمد خان جي لوڪ آفٽر چارج ڏني وئي

لطيف آباد جي ساجد چانڊيو کي بدلي ڪري ٽنڊو الهيار جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، سيد فتح علي شاهه کي حيدرآباد ۾ خالي جاءِ تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو

سيوهڻ جي عبدالسلام جمالي کي بدلي ڪري ڪوٽڙي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته جنيد آرائين کي به لطيف آباد مان بدلي ڪيو ويو

16هين گريڊ جي سينيئر بلڊنگ انسپيڪٽر ارشد علي زرداري کي لطيف آباد جي مختلف علائقن ۾ تعميراتي اڏاوتن جي لوڪ آفٽر چارج حوالي ڪئي وئي

مشتاق راهو کي به حيدرآباد سٽي مان بدلي ڪري لطيف آباد ۾ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته سينيئر ڪلرڪ محفوظ الحق، غلام شبير ۽ سيد حسن عسڪري زيدي کي مختلف سائيٽن تي مقرر ڪيو ويو

لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نفيس احمد کي بدلي ڪري حيدرآباد ريجن جو ڊيموليشن سيڪشن جو انچارج مقرر ڪيو ويو

قاسم آباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد عرس ڊاوچ بدلي ڪري لطيف آباد ڏانهن روانو ڪيو ويو، جڏهن ته سندس جاءِ تي مقرر آفيس کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل ياسين شر جي منظوري سان سمورن آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا

Leave A Comment