| سنڌ تاريخي وطن، ورهاست قبول ناهي: لاڙڪاڻي جا اديب |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو پاران سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. جنهن جي صدارت سنڌ جي ناليواري نوجوان اديب ۽ محقق ڊاڪٽر عيسيٰ ميمڻ ڪئي. جڏهن ته بقاءُ الله بوزدار، اعجاز سولنگي، روشن ٽوٽاڻي، مصور منگي، خليق ميمڻ، سميع الله ميمڻ، مسڪين عيسيٰ، رضا حسين، غلام رضا ميمڻ ۽ حبيب الله دايو پڻ شاهه سائين جي فڪر تي ڳالهايو. ان موقعي تي صدارتي راءِ ڏيندي ڊاڪٽر عيسيٰ ميمڻ چيو ته شاہه لطيف نه رڳو سنڌ جو عظيم شاعر آهي پر هُو دنيا جي عظيم شاعرن منجهان هڪ آهي. لطيف سائين پنهنجي دور جي روايتن خلاف بغاوت ڪئي، لطيف فارسي ۽ عربي جي حاڪميت جي ابتڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري سنڌي ٻولي ۽ تاريخ کي پنھنجي شاعري وسيلي محفوظ ڪيو. جيڪڏهن سنڌ ڪو جنئس ماڻهو پيدا ڪيو آهي ته اهو لطيف ئي آهي. گڏجاڻي جي آخر ۾ وفاق پاران سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري بيان جي مذمت ڪندي چيو ويو ته سنڌ تاريخي وطن آهي جنهن جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. گڏجاڻي جي ڪاروائي سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي جوائنٽ سيڪريٽري دانش ترڪ هلائي.