سنڌ ترقي پسند پارٽي جو اڄ يومِ مادر وطن، تياريون مڪمل

سنڌ ترقي پسند پارٽي جو اڄ يومِ مادر وطن، تياريون مڪمل

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران محبتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي حيدرآباد ۾ اعلانيل يومِ مادرِ وطن جي جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، اڄ هٽڙي بائي پاس وٽ هڪ لک ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش وارو وڏو پنڊال تيار ڪيو ويو آهي جڏهن ته 150 فوٽ ڊگهي ۽ 80 فوٽ ويڪري اسٽيج پڻ جوڙي وئي آهي، جلسي جي صدارت پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪندو ۽ مختلف مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ ناليواري شخصيتن، اديبن، شاعرن، فنڪارن، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي آهي، تقريب دوران يومِ مادرِ وطن ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا جڏهن ته راڳ رنگ جي محفل ۾ احمد مغل، ديبا سحر، رجب فقير ۽ ٻيا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا، سڄي سنڌ مان قافلا وڏي انگ ۾ جلسي ۾ شرڪت لاءِ حيدرآباد پهچي رهيا آهن؛ پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته محبتن جي عالمي ڏينهن تي اسين مادرِ وطن سنڌ سان عشق، وفاداري ۽ جدوجهد جو وچن ورجائينداسين، سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ سڃاڻپ خلاف ٿيندڙ هر سازش کي عوامي طاقت سان ناڪام بڻايو ويندو، سنڌ دشمن قوتن لاءِ واضح پيغام هوندو ته سنڌ سجاڳ آهي، متحد آهي ۽ پنهنجي قومي حقن تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو قبول نه ڪندي.