سنڌ جا بادشاهه ڪراچي ۾ آرام ڪري رهيا آهن، مراد علي شاهه کي گهرجي ته پنهنجي سڄي لشڪر سان گڏ اترسنڌ ۾ اچي ويهي: مخدوم جميل الزمان

آگسٽ 14, 2024

مخدوم جميل الزمان سنڌ ۾ امن ڪرائڻ لاءِ آرمي چيف کي مداخلت جي اپيل ڪري ڇڏي

پيپلزپارٽي جي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان سنڌ ۾ امن ڪرائڻ لاءِ آرمي چيف کي مداخلت جي اپيل ڪري ڇڏي

هالا ۾ جشن آزادي جي تقريب ۾ شرڪت وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي مخدوم جميل الزمان چيو ته  ڌاڙيلن جي ڪارروائين سبب سنڌ مان اقليتي هندو برادري جا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، ملڪ جي بدنامي ٿي رهي آهي

هن چيو ته سنڌ جا بادشاهه ڪراچي ۾ آرام ڪري رهيا آهن، ڌاڙيلن کي ڪنٽرول ڪرڻ مراد علي شاهه جي وس جي ڳالهه نه آهي، جنرل عاصم منير صاحب توهان سنڌ جي عوام کي ڌاڙيلن جي ظلم کان ڇوٽڪارو ڏياريو

 آرمي چيف کي اپيل ڪيان ٿو ته اتر سنڌ ۾ اچي علائقي جي ايم اين ايز کي گهرائي ۽ هنن کان پڇي ته هو ڪهڙي مرض جي دوا آهن، مراد علي شاهه کي گهرجي ته پنهنجي سڄي لشڪر سان گڏ اتر سنڌ ۾ اچي ويهي

هن چيو ته سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ پيپلزپارٽي جي خلاف  به وڏي سازش آهي، لڏپلاڻ ڪندڙ پيپلزپارٽي جا ووٽر آهن، عوام هن وقت پريشانين ۾ ورتل آهي

Leave A Comment