سنڌ جا تعليمي بورڊ انتظامي عملدارن حوالي: 3ڪمشنر بورڊن جا سربراهه مقرر: ڊي سي وري امتحاني ڪنٽرولر ٿيندا

ڊسمبر 12, 2023

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ جي نگران حڪومت جو نرالو فيصلو، پرڳڻي جي 8 مان 3 تعليمي بورڊن جي چيئرمينن واري اضافي چارج لاڳاپيل ڪمشنرن حوالي، ان ڏس ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير جي هدايتن تي سنڌ جي خالي پيل 3 تعليمي بورڊن جي چيئرمين وارا عهدا لاڳاپيل ڊويزنن جي ڪمشنرن حوالي ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سکر تعليمي بورڊ جو چيئرمين رفيق پلهه 16 جون 2023ع تي رٽائرڊ ٿي ويو آهي، سندس عهدي جي اضافي چارج سکر جي ڪمشنر فياض عباسي کي سونپي وئي آهي. ساڳئي ريت ڪراچي انٽر بورڊ جي چيئرمين جي اضافي چارج وري ڪمشنر سليم راجپوت حوالي ڪئي وئي، ڪراچي انٽر بورڊ جو عهدو  23 نومبر 2023 کان خالي پيل هو، اهڙي طرح وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جي وائيس چانسلر  فاروق احمد کان بينظيرآباد تعليمي بورڊ جي چيئرمين وارو اضافي عهدو واپس وٺي ڪمشنر حيدر رضا شاھ حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران سرڪار پاران تعليمي بورڊن ۾ امتحاني ڪنٽرولر جي خالي پيل عهدن جي وري لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن کي اضافي چارج ڏيڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي.

Leave A Comment