سنڌ جا روڊ تباهه: هلندڙ سال سکر ۽ بي نظير آباد ڊويزنن ۾ 361 حادثا، 216 حياتين کان محروم

سنڌ جا روڊ تباهه: هلندڙ سال سکر ۽ بي نظير آباد ڊويزنن ۾ 361 حادثا، 216 حياتين کان محروم

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ ۾ روڊ رستا تباهه حالي جي ور چڙهيل هجڻ ۽ ڪوتاهيءَ سبب جانيون ضايع ٿيڻ معمول بڻجي ويو. هلندڙ سال 2025 ۾ سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 361 روڊ حادثن دوران 216 قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون جڏهن ته 534 زخمي ٿيا. 146 لاوارث ميتن کي دفنايو ويو. اِن ڏس ۾ ايڌي سکر سينٽرل جي انچارج گل مهر پاران جاري ڪيل رپورٽ مطابق سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ هلندڙ سال 2025 ۾ روڊ حادثن ۾ 216 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون، جنهن ۾ معصوم ٻار، مرد توڙي عورتون شامل هيون. جڏهن ته  روڊ حادثن ۾ 534 ڄڻا زخمي ٿيا جن کي علاج لاءِ اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. رپورٽ مطابق 146 لاوارث ميتن کي غسل، ڪفن ڏيڻ بعد دفنايو ويو. 85 ماڻهن جي گمشدگي رپورٽ مليون جن مان 21 ڄڻن کي وارثن تائين پهچايو ويو. سڀ کان وڌيڪ 165 روڊ حادثا سکر ۾ پيش آيا، جن ۾ 62 ڄڻا فوت ۽ 177 ڄڻا زخمي ٿيا. سکر بئراج توڙي مختلف هنڌن تان پوليس معرفت مليل 42 لاوارث ميتن کي غسل ڪفن ڏيڻ بعد دفنايو ويو، معصوم ٻارڙن سميت 25 ڄڻا پراسرار نموني گم ٿي ويا. جنهن مان 8 واپس پهتا. جڏهن ته 5 ڄڻن کي ايڌي هوم اماڻيو ويو.  پنوعاقل ۾ 22 روڊ حادثن ۾ 20 ڄڻا فوت ۽ 55 زخمي ٿيا. خيرپور ۾ 18 روڊ حادثن ۾ 15 فوت 27 زخمي، نوابشاهه ۾ 18 ڄڻا فوت، 25 زخمي، سانگهڙ ۾ 4 ڄڻا فوت 28 زخمي، قاضي احمد ۾ 19 فوت، 51 زخمي، مورو ۾ 15 فوت، 29 زخمي، نوشهروفيروز ۾ 11 فوت20 زخمي، ڪنڊيارو ۾ 35 فوت، 75 زخمي، راڻيپور ۾ 17 فوت ۽ 48 ڄڻا زخمي ٿيا.