ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي معدنيات واري صوبائي وزير خدابخش مري چيو آهي ته سنڌ جون معدنيات استعمال نه ڪري اسان وڏي بي وقوفي ڪئي آهي، سنڌ جا معدني وسيلا استعمال ڪري اسان سعودي عرب کان به وڌيڪ ترقي يافته بڻجي سگهون ٿا
ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير چيو ته حڪمرانن جي نااهلي ۽ نالائقي جي ڪري معدني وسيلا استعمال نه ٿي سگهيا آهن
نگران وزير نقشن، چارٽس ۽ ڊيٽا ذريعي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڀارت سيمي ڪنڊڪٽر پاڻ ٺاهي رهيو آهي، سيمي ڪنڊڪٽر ٺاهڻ واري معدنيات به اسان وٽ موجود آهي پر اسان نه پيا ٺاهيون
هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو هوش کان ڪم وٺن، سريو، گاڏيون ۽ دفاعي سامان تيار ڪرڻ واري شين ۾ استعمال ٿيندڙ معدنيات به اسان وٽ موجود آهي، ڀلي منهنجي وزارت هلي وڃي پر سنڌ جي معدنيات بابت پنهنجي موقف تان هٿ نه کڻندس
صوبائي وزير خدابخش مري چيو ته ڪارونجهر جي ورثو قرار ڏنل حصن کي ڇڏي ٻين هنڌن تان معدنيات ڪڍي سگهجي ٿي