تازا ترين
  • *فيصل آباد ۾ انوکو جنازو، فوتي شخص جو مڙهه بينڊ باجا وڄائي آخري آرامگاهه نيو ويو *فوتي جي مرشد کيس هدايت ڪئي هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس بينڊ باجن سان دفنايو وڃي: وارث**
  • *لاڙڪاڻو: ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو *مقابلي دوران ڏوهاري زخمي ٿيو، جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نادر پٽ عبدالرحمان لاشاري طور ٿي: پوليس*
  • * سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ اندر اٽي سميت ٻين شين جي بحران خلاف اپيل تي ٻڌڻي *عدالت ڊي جي بيورو اينڊ سپلائي کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي *عدالت چيف سيڪريٽري کي 3 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو*
  • *جروار ڀرسان 7 مهينا اڳ ڪنڊير شاخ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ وارو مامرو *جروار پوليس پاران مقتول نبي بخش بوزدار جي وارثن جي نشاندهي تي 3 ڄڻا گرفتار *شهمير لغاري، سڌير لغاري ۽ جيوڻ لغاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو: پوليس ذريعا *مقتول جي وارثن ڪوڙو الزام لڳايو، پوليس 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: نهال لغاري*
  • *ڏاهلي ڀرسان عمرڪوٽ ويندڙ تيز رفتار جيپ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي /*ڇاڇرو:جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب جبار پٽ دودو نهڙي فوت ٿي پيو *ڇاڇرو: فوتي جو لاش ۽ زخمين کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي …….وھيو (Rosy Pastor) ..خادم رند 

وھيو سنڌ جو لاڏائو (Migratory) پکي آھي جيڪو سياري جي آمد سان ھتان جا وڻ اچي وسائيندو آھي. ھن پکيءَ جو واسطو وڻن جي ٽارين تي ويهندڙ (Passerine) پکين سان آھي. وھيو ڪٻر جي خاندان (Sturnidae family) سان واسطو رکي ٿو ۽ شڪل شبيهه ۾ به گهڻي ڀاڱي ڪٻر جهڙو ئي ھوندو آھي پر رنگ مٽيل ٿيندا اٿس. وھيي جي ٻولي به وڏي حد تائين ڪٻر جي ٻوليءَ سان ملندڙ جلندڙ ھوندي آھي. وھيو سرسبز ٻنين ۽ گاهه وارن ميدانن ۾ رھندو آھي ۽ گلن وارن وڻن کي گهڻو پسند ڪندو آھي. ميلاپ وارن مخصوص ڏينهن ۾ نر جي مٿي تي ڊگهن ۽ نرم کنڀن واري چوٽي ڦٽندي آھي جيڪا سندس مستي واري حالت ۾ نمايان ٿي پوندي آھي. وھيي کي انگريزيءَ ۾ (Rosy Pastor) کانسواءِ (Rosy Starling) به سڏيو ويندو آھي. اردو ۾ کيس تلير ۽ گلابي مينا سڏيندا آھن ۽ سائنسي نالو (Pastor roseus) اٿس. ھن جي چھنب ۽ ٽنگون پيلاڻ مائل نارنگي ۽ پٺي، ڪلھا، ڇاتي ۽ پيٽ جو اڳيون حصو گلابي رنگ جا ٿيندا آھن. جڏهن ته منڍي، ڪنڌ، ڳچي، پر، پڇ ۽ پيٽ جو پويون حصو چمڪندڙ ڪاري رنگ جا ھوندا اٿس. نر جي ڀيٽ ۾ ماديءَ جا رنگ ڌنڌلا ٿيندا آھن. وھيي جي ڊيگهه 20 کان 22 سينٽي ميٽرن تائين هوندي آهي، وزن 60 کان 90 گرام ۽ پرن جي پکيڙ 35 کان 40 سينٽي ميٽرن تائين ھوندي آھي.
وھيو پنهنجو نسل ڏکڻ اوڀر يورپ ۽ ڏکڻ اولهه ايشيا وارن علائقن ۾ وڌائيندو آھي. جيئن ئي موسم ٿڌي ٿيندي آھي ته وھيا اسان وٽ پهچڻ شروع ڪندا آھن. ھي اڏام جا ڏاڍا مضبوط ٿيندا آھن. سندن اڏام وڏن وڳرن جي صورت ۾ ۽ گهڻي شور واري ھوندي آھي. وھيو گهڻي ڀاڱي ساوڪ، ميون ۽ ٻجن تي گذران ڪندڙ پکي آھي پر ميلاپ وارن ڏينهن ۾ ھي مختلف قسمن جا جيت به کائيندو آھي جن ۾ تڏا ۽ ماڪڙ شامل ھوندا آھن. جڏهن کاڌو ججهي مقدار ۾ موجود ھجي ته ھي پکي پنهنجي ضرورت کان ڪجهه وڌيڪ ئي کائيندا آھن، جنهن ڪري سندن وزن وڌي ويندو آھي. ماڪڙ ته ھن جو من پسند کاڌو آھي. 
چين ۾ 1980ع ۾ وھين ذريعي ماڪڙ جي خاتمي جي ھڪ رٿا تيار ڪئي وئي. رٿا ھيٺ وھين لاءِ هٿرادو آکيرا ٺاهيا ويا ته جيئن اھي مخصوص علائقن ۾ ماڪڙ جو خاتمو ڪري ھارين ۽ آبادگارن کي نقصان کان بچائي سگهن. اھا رٿا ڏاڍي ڪامياب وئي ۽ وھين ماڪڙ مان جند آجي ڪرائي ڇڏائي. اھو ئي سبب آھي جو وھيي کي دنيا ۾ ھارين لاءِ ڏاڍو فائديمند تصور ڪيو ويندو آھي.  
وھين جي نسلي واڌ ويجهه جو عرصو رڳو مئي ۽ جون جي ٻن مھينن تائين محدود رھندو آھي. ھي پنهنجو آکيرو دريائن ۽ ڪينالن جي ڪپرن ۾ سوراخ ٺاهي يا ٻين پکين پاران اڳواٽ تيار ڪيل سوراخن ۾ ٺاهيندو آھي. ٽڪرين ۽ وڻن جا سوراخ ۽ پور به آکيري طور ڪتب آڻيندو آھي. آکيرن ۾ گاهه، ٽاريون ۽ کنڀ رکي کيس آرام وارو بڻائي ڇڏيندو آھي. وھيو جيئن ته سماجي پکي (Social Bird) آھي، انڪري پنهنجي منهن يا نويڪلائي ۾ آکيرا ٺاھڻ جي بدران گڏجي ڪالونين جي صورت ۾ آکيرا ٺاھيندا آھن. اهڙي نموني اهي اڏام به وڏا وڏا ٽولا ٺاهي ڪندا آھن. وھيي جي مادي 3 کان 6 آنا لاھيندي آھي جن جو رنگ پيلاڻ مائل نيرو ٿيندو آھي. آرو 13 کان 16 ڏينهن تائين ھلندو آھي، جنهن ۾ نر ۽ ماد ٻئي حصو وٺندا آھن. آنن مان ڦٽڻ کانپوءِ به وھيي جا ٻچا اندازن 25 ڏينهن تائين آکيري ۾ رھندا آھن، تيستائين ماءُ پيءُ گڏجي کين چوڳو مهيا ڪندا آھن.
 [email protected]

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *