سنڌ جا نوجوان موبائل ۽ موٽرسائيڪل تائين محدود آهن: خالق جوڻيجو

  سنڌ جا نوجوان موبائل ۽ موٽرسائيڪل تائين محدود آهن: خالق جوڻيجو

دوڙ (ن پ ا) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو چيو آهي ته شهيد دولهه دريا خان سنڌ جي قومي جدوجهد جو اهم اڳواڻ هو، جنهن کي وساري نٿو سگهجي، ڪالهه هتي  شهيد دولهه  دريا خان جي 505 هين ورسي واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ ڌرتيءَ مٿان ڪيترائي حملا ڪيا ويا ، دولهه دريا خان لاشاري حملو ڪندڙن سان جنگيون ڪري کين مات ڏيندو رهيو، هن سنڌ جي حفاظت ڪندي پنهنجو سر به گهوري ڇڏيو، هن چيو ته سنڌ جا نوجوان سنڌ جي تاريخ کان اڻ واقف آهي، انهن کي موبائيل ۽ موٽرسائيڪل ۾ مصروف رکيو ويو آهي، اسان کي سنڌ جي جاگرافي کي بچائڻ لاءِ سوچڻ ۽ قدم وڌائڻ گهرجي